فريدآباد پوليس جي ناڪابندي ، اشتھاري گرفتار

فريدآباد  ( ن ع آ  ) فريدآباد  پوليس ناڪابندي ڪري اشتھاري روپوش جوابدار  ھڪ ڄڻو گرفتار ڪري ورتو ـ اڄ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندوخبر موجب فريدآباد  پوليس کي ڳجھي اطلاع ملڻ تي شاھ گودڙيو  روڊ تي ناڪابندي ڪري ڳوٺ سڄڻ ميرواڻي جو رھواسي اشتھاري روپوش جوابدار سائينداد چانڊيو  پٽ خان محمد چانڊيو  کي گرفتار ڪري ورتو آهي فريدآباد  ٿاڻي جو ايس ايڇ او سجاد جمالي  موجب فريدآباد  ٿاڻي تي  ھڪ ڪيس ۾ اشتھاري ھو ڳجھي اطلاع ملڻ تي گرفتار ڪيو آهي جنهن کي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.