اچو ته ڪراچي جهاز واقعي ۾ فوت ٿيلن جي وارثن سان تعزيت ڪيون !

مظهر خاصخيلي

لاهور مان پي آءِ اي جو جهاز 91 مسافرن ۽  پي آءِ اي جي عملي سميت 98 ماڻهن کي کڻي ڪراچي ڏانهن سفر ڪري ڪراچي ايئر پورٽ تي لهڻ کان پهريان عمارتن سان ٽڪرائجي حادثي جو شڪار ٿي ويو آهي.جنهن جي ڪري جهاز ۾ سوار مسافر کان علاوه گهرن ۾ موجود ڪراچي شهر جي رهواسين سميت 100 کان مٿي ماڻهن جي فوت ٿي وڃڻ جا اطلاع اچي رهيا آهن جهاز جي ڪرڻ سبب جهاز کي لڳل باهه کي اجهائڻ جي لاءِ ڪافي ڪوششون ڪرڻ باوجود ڪيترن ڪلاڪن تائين جهاز کي لڳل باهه کي نه اجهايو ويو ان ڪري باهه ۽  دونهو ڪيترن ڪلاڪن تائين ڪراچي شهر جي مختلف علائقن جا رهواسي پري پري کان ڏسندا رهيا جهاز جي ٽڪرائڻ سبب ڪيترن گهرن جون عمارتون ڊهي ويون ۽ ڪافي گهرن کي باهه وڪوڙي وئي جنهن جي ڪري هر طرف قيامت جهڙا منظر ڏسڻ ۾ اچي رهيا هئا ۽ ماڻهو روڊن رستن تي ڊوڙي پنهنجن پنهنجن پيارن جي تلاش ڪرڻ ۾ پورا هئا ان وقت انهن هزارن جي تعداد ۾ جمع ٿيل انهن شهرين کان اهو به وسري ويو ته ڪورونا وائرس جي بيماري به ڦهليل آهي اها به اسان کي وچڙي سگهي ٿي.

پر جن کي پنهنجن پيارن جي زندگين جي ڳڻتي هئي انهن کان پنهنجي زندگي جي پرواهه ڪرڻ واري سوچ موڪلائي وئي ۽ هو صرف ان طرف ڊوڙي رهيا هئاجتي واقعو پيش آيو هو ان جاءِ وٽ پوليس ۽ رينجرز جا سوين اهلڪار به موجود هئا جيڪي انهن ماڻهن کي جهلڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا پر جن جي پيارن جون زندگيون داءَ تي لڳل هجن اهي انهن کان ڪٿي ٿا جهلجي سگهن ان ڪري اهي هزارين ماڻهو پنهنجن اکين مان لڙڪ هاريندي اوڇنگارون ڏيندي ان طرف ڀڄندي نظر اچن پيا جهاز ۾ سوار مسافر ته ويچارا سڙي فوت ٿي ويا پر جن گهرن جي مٿان جهاز ڪريو جا وري جن سان ٽڪرايو انهن گهرن اندر موجود ڪيترائي مرد ،عورتون ۽ معصوم ٻارڙا  زخمي ٿيا جيڪي زخمي ته گهڻو رت وهي وڃڻ جي ڪري تڙپي تڙپي  فوت ٿي ويا آهن  هنن سوين جهاز حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جي انهن وارثن جي حالت ڪهڙي هوندي هيءُ به ڪنهن جا پيارا هوندا انهن جي درد ۽ تڪليف کي معلوم ڪرڻ جي لاءِ انهن جي وارثن وٽ  وڃي ڏسجي ته انهن کي ٿوري جا گهڻي خبر پئجي ويندي ته پنهنجن جو وڇوڙو ڇا ٿيندو آهي ۽ جنهن وقت انهن جي لاش کي ڪلهو ڏبو آهي ان وقت ماڻهو جيئرو هوندو آهي جا وري مئل ان ڳالهه کي سمجهڻ جي لاءِ به اهڙي درد مان گزرڻو پوندو آهي ۽ جنهن به پنهنجي پيارن جي لاش کي ڪلهو ڏئي انهن جي ميت کي مٽي ماءُ حوالي ڪرڻ وقت جڏهن سندس آخري ديدار ڪيو هوندو انهن اکين کان پڇو جيڪي اهي منظر ڏسڻ کان پوءِ دنيا جي ڪا ٻئي تصوير ڏسڻ ناهن چاهينديون ڀلي اهي ماڻهو ظاهري طور تي ڏسڻ ۾ زندهه ايندا آهن پر هنن جو اندر اڌ اڌ ٿيل هوندو آهي هو روز مرندا آهن ۽ روز جيئندا آهن انهن کي هر ڪک پن ۾ انهن پنهنجن پيارن جي صورت نظر ايندي آهي جيڪا هنن جو چين آرام سڪون ڦٽائي ڇڏيندي آهي  جيڪي دنيا جي سمورن خوشين کي بيڪار تصور ڪندا آهن ڀلي پوءِ هنن کي دنيان جون سموريون خوشيون ڏئڻ جي ڪوشش ڪجي اها هنن جي اڳيان بيڪار هوندي آهي ۽ سچ به اهو آهي ته جن جا پيار ڪراچي ۾ حادثي جو شڪار ٿيل جهاز کان پوءِ  هنن کان وڇڙي ويا آهن هنن جي اڳيان خوشين  جي ڳالهه ڪرڻ ائين آهي جيئن اکين جي نور کان محروم ماڻهو جي اڳيان روئڻ  ڪراچي اندر اسپتالن جي به اها ساڳئي حالت آهي جهڙي  سڄي سنڌ جي اسپتالن جي صورت حال آهي ۽ ڪٿي به مريضن کي  بهتر علاج جون سهولتون نٿيون ڏنيون وڃن هي جيڪو عمل انتظاميان جي نااهلي وارو آهي اهو به ان وقت ظاهر ٿيندو آهي  جڏهن ڪو وڏو واقعو پيش ايندو آهي ان وقت اها ساڳي انتظاميان ويچاري بڻجي چوندي آهي ته هنن وٽ ڪجهه ناهي جيئن سنڌ جو وڏو وزير چئي رهيو آهي ۽ هن ملڪ جون. اهي سگهاريون ڌريون پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائي ڏسن ته جڏهن انهن مائرن، ونين، ڀينرن جا هٿ مٿي کڄندا ۽ اهي پنهنجي رب کي اهو فرياد ڪندي دانهن ڏينديون ته مالڪ سائين اسان جي بي قصور مري ويلن جي خون جو حساب اسان کي ڪير ڏيندو.

هن لاچاري ۽ بيوسي واري صورت حال جا به اسان جا حڪمران ذميوار آهن ڇو ته اسان وٽ سالن کان وٺي اقتدار ۾ ايندڙ حڪمرانن ڪڏهن به اهڙي حڪمت عملي ناهي جوڙي جو اوچتو پيش ايندڙ حادثن کان پوءِ فوت ٿي ويلن جي خاندانن جي ان ڏکي وقت ۾ مالي مدد ڪن هڪ ته اهو سچ آهي ته ڪنهن جي پياري جي موت کان پوءِ ان جي خاندان کي اربين رپيا به ڏجن تڏهن بهانهن جي تڪليف ۽ ڏک کي ختم ناهي ڪري سگهبو پر اهو به سچ آهي ته ڪنهن ڦٽن تي مرهم رکڻ وارو ڪم ڪرڻ سان انهن جي تڪليف ۽ ڏکن ۾ گهٽ تائي ضرور ايندي آهي.پر اسان وٽ جتي هميشه ڄنڊا پٽ واري سياست ٿيندي هجي اتي جي سياسي ڌرين جا وري اقتدار ڏيندڙ ۽ کسيندڙن وٽ ايترو ٽيم ۽ وقت ڪڏهن آهي جو هو پنهنجي انهن ماڻهن جي دردن ۽ تڪليفن جي لاءِ سوچن ۽ انهن جي لاءِ ڪا حڪمت عملي جوڙن ڇوته هيءُ سڀ ڪجهه ان معاشري اندر ٿيندو آهي. جا ڪيو ويندو آهي. جتي احساس هوندو آ پر جن ماڻهن وٽان احساس موڪلائي ويندو آهي. انهن ماڻهن ۽ فردن جون عبادتون ،سخاوتون ،خيراتون سڀ ڏيک بڻجي ويندو آهي . ان جي ڪري اچو ته هن تڪليف واري گهڙي م ڪراچي اندر پيش آيل جهاز جي حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جي وارثن سان تعزيت ڪريون

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.