اقتدار جي لالچ ۾ ورتل اشرافيه ملڪ کي ڪٿي پهچائيندي !

نذير سومرو

اڄ جو وڏو سچ اهو آهي ته ملڪي قانون جيترو مظلوم آهي ايترو ڪوبه ڪونه. ڪير آهي جيڪو هن جو احترام ڪندڙ هجي. ڪير آهي جيڪو هن سان ظلم ڪندڙ نه هجي. ڪير آهي جيڪو هن سان طنز جي حد تائين مذاق ڪندڙ نه هجي ۽ هي ويچارو وائڙو ٿي هر ايندڙ ويندڙ ڏانهن مدد لاءِ واجهائيندو رهي ٿو. ڪڏهن هي ڪهڙي اداري جي عمارت ۾ انصاف لاءِ داخل ٿئي ٿو ته ڪڏهن ڪهڙي اداري جي عمارت ۾ پر جتي وڃي ٿو اتان کيس فٽبال وانگر ٿڏا هڻي ڪڍيو وڃي ٿو. قانون هاڻي ايترو نااميد ٿي چڪو آهي ۽ اهو سوچڻ تي مجبور آهي ته سڀ ادارا ختم آهن رڳو عمارتون وڃي بچيون آهن ”قانون سڀني لاءِ“ وارو جملو هن ملڪ جو سڀ کان وڏو کل ڏياريندڙ لطيفو آهي.

هيء ايڪيهين صدي آهي هاڻي ڪا ڳالهه لڪي ڪونه ٿي خاص ڪري سوشل ميڊيا جي عام ٿيڻ کان پوء. لڪي لڪي به وڊيو ٺهن ٿيون ۽ اهي ڪجهه منٽن ۾ ئي وائرل ٿيو وڃن. دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ واري خبر ڪجهه منٽن کان پوء پراڻي آهي اتي اسان جي ملڪ جي اشرافيه جنهن هڪ ڏينهن به ملڪي قانون ۽ آئين جو احترام ڪونه ڪيو آهي اها ڪيترين رسوائين کان پوء به اڃان تائين بضد آهي ته ان کي اهو سڀ ڪجهه حق سمجهي ڪرڻ ڏنو وڃي جيڪو ٻئي ڪنهن شهري لاءِ گباهه ڪبيره آهي.

اشرافيه جنهن لاءِ ملڪ جي وزيراعظم (جيڪو وري پنهنجي حساب ۾ به سواليه نشان بڻجي چڪو آهي) ڪجهه ڏينهن اڳ چيو هو ته اشرافيه ملڪ ۾ اهڙو اعلان ڪيو جنهن جي کيس خبر ڪونه هئي يعني اها ايتري طاقتور آهي جيڪا پاڻ فيصلا ڪري ٿي ۽ پاڻ انهن جو اعلان ڪري ٿي. ان ساڳي اشرافيه کي سوشل ميڊيا تي ”پاڳل اشرافيه“ ڪوٺيندڙ ملڪ جي نامور ليکڪا سانئڻ نورالهدى شاهه لکيو ته اها هاڻي گدوبندر جي چرين وانگر هڪ ٻئي تي حڪمراني ڪرڻ چاهي ٿي، هڪ ٻئي کي نيچو ڏيکارڻ لاءِ ڪم ڪندي نظر اچي ٿي.

ٻه ڏينهن اڳ سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو وائرل ٿي جنهن ۾ هڪ عورت انتهائي جارحانه انداز ۾ ڊيوٽيء تي موجود ملازمن کي بد شد لفظ ڳالهائيندي ڌمڪيون ڏيئي رهي هئي ته کيس قانون ٽوڙڻ کان نه روڪيو وڃي. هوء بضد هئي ته سندس رشتو هڪ اهڙي انسان سان آهي جيڪو قانون کان مٿاهون آهي جنهنڪري کيس به اهو حق حاصل آهي.

اها وڊيو اڃان ترقيءَ جون منزلون طي ڪري ئي رهي هئي ته هڪ ٻي عورت جي پراڻي وڊيو به منظر تي آئي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي وائرل ٿي ويئي جنهن ۾ اها عورت (جيڪا ان پارٽيءَ سان لاڳاپيل ”ٿلهي متاري“ شخصيت آهي جنهن پارٽي ويجهي ماضيءَ ۾ اڀ ڏاريندڙ نعره هڻي اهو يقين پئي ڏياريو آهي ته اها انصاف ڀريو سماج جوڙڻ چاهي ٿي) پنهنجي ڪار مان لهي پنهنجي هٿن سان روڊ کي بند ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ بيرئر پري ڪندي ڪجهه غلط لفظ به ڳالهائي رهي آهي. سندس اهو عمل به اهو ئي پيغام ڏيئي رهيو آهي ته هوء به قانون کان مٿاهين آهي ۽ ان کي هڪ مذاق کان وڌيڪ اهميت نه ٿي ڏئي.

اهو ڪجهه ئي اڃان وائرل ٿيو ته حڪمران پارٽي به پنهنجي حامين هٿان ڪي اهڙيون وڊيو جاري ڪرايون جن ۾ پراڻن حڪمرانن کي قانون ٽوڙيندي ڏيکاريون ويو. اهو سڀ ڪجهه تسلسل آهي اهڙن عملن جو جيڪو پهرئين ڏينهن کان جاري آهي. وڏا ته پري انهن جون بيگمات ته پري پر هي روڊ رستن تي موٽرسائيڪل ڊوڙائيندڙ ٻار به ڪنهن نه ڪنهن اداري سان لاڳاپيل ملازمن جا ئي هوندا آهن

غالب جي هن شعر ”نقش فريادي هي، ڪسي ڪي شوخي تحرير ڪا“ وانگر هن ملڪ جي اڄوڪي روئڻهارڪي شڪل (جيڪا هر گهر، هر گهٽي، هر ڳوٺ هر شهر جي چوراهن تي موجود پينافليڪسي وڏين تصويرن وانگر موجود آهي) چڱيءَ ريت ٻڌائي رهي آهي ته هن لاءِ قانون جوڙيندڙ اشرافيه ئي هميشهه هن سان مذاقون ڪندي رهي آهي. اها اشرافيه جيڪا پاڻ پاڳلپڻي واري حد کان مٿي پهتل آهي ۽ ملڪ کي اڃان وڌيڪ ڀوائتو بڻائڻ تي بضد آهي. اشرافيه چاهي ٿي ته کيس ملڪ کي لٽڻ ڦرڻ جي اجازت (لائسنس) جيڪا اڻسڌيء ريت مليل آهي اها کلي عام ڏني وڃي.

اشرافيه جنهن کي اندر ويٺل غرور اهو نه ٿو سمجهائي سگهي ته ٻن قسمن جا قانون ئي قومن کي برباد ڪندڙ هجن ٿا. اهي ٻن قسمن جا قانون ئي هئا جنهن ڌرتي تان فرعون ۽ نمرودن پاران جوڙيل سماج صفحي هستي تان مٽائي ڇڏيا. اهي ٻن قسمن جا قانون ئي هئا جن اسان کان ملڪ جو اڌ کسيو ۽ اهي ٻن قسمن جا قانون ئي هوندا جيڪي اهو ڪجهه ڪري سگهن ٿا جيڪو غرور جي عينڪ پاتلن کي سمجهه ۾ به ڪونه ايندو. سندن ئي واتان اهو چوندي ٻڌو پيو وڃي ته ملڪ ڪا سٽ سهڻ جهڙو ڪونهي پر پوء به هي ڪونه ٿا مڙن.

ملڪ جا خيرخواهه جن کي وري اشرافيه (جيڪا پاڻ گند آهي) غدار سڏيندي رهي آهي سدائين خبردار ڪندا رهن ٿا اهي خبردار ڪندا رهيا ته مڙي وڃو. ملڪ ۾ ٻن قسمن جا قانون رائج نه ڪريو نه ته اوهان اهو ڪجهه اکئين ڏسندا جنهن کي ڏسڻ جي جرئت اوهان ۾ ڪونهي. اوهان بگڙيل شين کي وري اصلي شڪل ۾ بحال ڪرڻ جي صلاحيت به ڪونه ٿا رکو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.