مرڪزي حڪومت جو سنڌ مخالف تاثر ۽ حڪومت کان استعيفى جو مطالبو

شوڪت علي جلباڻي

پي ٽي آءِ جي طرفان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ اسيمبلي جي مخالف ڌر جي اڳواڻ شميم نقوي ، اسپيڪر آغا سراج دراني جي خلاف درخواست ڏيندي کانئُس استعيفيٰ جي گهر ڪري ٻيهر وزيراعليٰ سنڌ جي وڏ وزارت تان استعفيٰ ۽ آئين جي قلم 235 تحت صوبي ۾ ايمرجنسي يا وري گورنر راڄ هڻڻ جو مطالبو ڪيو،

وفاق کان وٺي صوبائي سطح جي پي ٽي آءِ اڳواڻن جو اهڙو مطالبو ڪو حيران ڪندڙ ناهي، ڇو ته صوبائي توڙي وفاقي ڪارڪردگي لڪائڻ ۽ عوام جي ذهنن ۾ رهڻ لاءِ اهڙا شوشا ڇڏڻ پاڪستان جي سياست جو ڏاج رهيو آهي، اچو ته وبا جي دوران ٿيندڙ تبديلي ، وفاق ۽ سنڌ صوبي ۾ ٿيندڙ سياسي تير اندازي جو جائزو وٺون.

سنڌ حڪومت جڏهن 26 فيبروري تي لاڪ ڊائون جو اعلان ڪيو ته وزيراعظم اچي اعلان ڪيو ته اسان لاڪ ڊائون نه ٿا ڪريون ، ڪجهه ئي گهڙين بعد ڊي جي آءِ ايس پي آر اچي  لاڪ ڊائون ڪرڻ جو اعلان  ڪري ٿو ۽ ٻيا صوبا به سنڌ جي پوئيواري ڪندي اعلان ڪن ٿا. ملڪ جو وزيراعظم ڪجهه ڏينهن کانپوءِ قومي ميڊيا تي اچي لاڪ ڊائون جي باري ۾ مختلف تشريحون ڪندي نظر اچي ٿو. قوم عجيب پريشانيءَ ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿي  ته لاڪ ڊائون ڇا آهي ۽ ڪهڙو لاڪ ڊائون اختيار ڪجي ڪهڙو نه ، صوبائي حڪمن تحت عمل پيرا ٿئجي يا وري وزيراعظم جي طرفان ٻڌايل لاڪ ڊائون تي عمل پيرا ٿئجي. ان گڏيل منجهيل اشارن تي جڏهن قومي ميڊيا اچي تنقيد ڪرڻ شروع ڪئي ته وزيراعظم پنهنجي سماجي ويب سائٽن جي ورڪرن جي گڏجاڻي دوران قومي ٽي وي تي ٿيندڙ حالات حاضره جي پروگرامن کي بي لاڀائيتو چئي عوام کي پروگرام نه ڏسڻ جي تلقين ڪئي.

هيڏانهن سنڌ حڪومت جي طرفان به  وفاق تي تنقيد ٿيندي رهي .  عالمي صحت واري تنظيم (ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن ) جي طرفان سنڌ حڪومت ۽ وزيراعليٰ سنڌ جي هڪ رپورٽ ۾ تعريف ڪئي وئي ۽ سندس تڪڙي لاڪ ڊائون جي عمل کي ساراهيو ته وزيراعظم ۽ سنڌ سان تعلق رکندڙ وزير جيڪي مهينو کن ته وبائي حالتن ۾ ظاهر ئي نه ٿيا ته قومي ميڊيا تي اچي، عالمي صحت واري تنظيم جي ساراهه جو ڪريڊٽ کڻڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. ان سڀ جي دوران پ پ پ ۽ وزيراعليٰ جي ساک ڪنهن حد تائين عوام ۾ بحال ٿي. سنڌ حڪومت عوام جي مالي سهائتا لاءِ جڏهن وفاق کان نادرا ۽ ايف آءِ اي کان ڊيٽا جي گهر ڪئي ته وفاق هفتو کن نٽائيندي پنهنجي احساس پروگرام جو اچي اعلان ڪيو جنهن ۾ پارٽي بيسڊ ڪليڪٽيڊ ڊيٽا تحت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۽ نئين ڊيٽا جي ڪليڪشن تحت في خاندان کي ٽن مهينن جي لاءِ 12000 روپيه ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو.اهو اعلان 27 مارچ تي جڏهن ته پيسن جي ورهاست 15 اپريل کان شروع ڪئي وئي يعني وفاق ۽ سنڌ حڪومت جي ڪشمڪش ۾ غريب عوام کي ڏيڍ مهينو مالي سهائتا لاءِ انتظار ڪرڻو پيو.

هيڏانهن سنڌ حڪومت پنهنجي طور هڪ ارب ۽ 68 ڪروڙ روپيا امداد جي مد ۾ ورهائڻ لاءِ رکيا . ڪورٽ سڳوري هڪ درخواست کي ازخود نوٽيس ۾ بدلائيندي صوبن ۽ وفاق کان وبا جي منهن ڏيڻ لاءِ کنيل قدمن جا تفصيل گهري ورتا ، جٿي سنڌ حڪومت جي امداد جي انگ اکرن کي  غلط ٻڌايو ويو۽ 8 ارب روپين جي ڳالهه ٿي. سنڌ حڪومت ڪجهه ڏينهن ان تي بيان ڏيڻ کان پاسو ڪيو پر وفاقي وزيرن ۽ سنڌ ۾ مخالف ڌر جي سياسي جماعتن کي سنڌ حڪومت تي تنقيد ڪرڻ جو جواز ملي ويو جنهن ۾ ڪورٽ سڳوري اڳتي هلي 8 ارب کي 1 هڪ ارب جي عدد ۾ تبديل ڪيو . سيد مراد علي شاهه ميڊيا توڙي نيشنل ڪوآرڊيشن ڪميشن ( قومي سهڪار واري ڪميشن ) ۾ گڏجي هلڻ جو پيغام ڏيندو رهيو ۽ سندس چوڻ موجب ته سڀ فيصلا اتفاق راءِ سان ڪيا پيا وڃن . شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو 26 مارچ تي پارليماني اڳواڻن جي ورچوئل اجلاس ۾ وزيراعظم جي گڏجاڻي دوران اٿي وڃڻ ۽ سنڌ حڪومت تي تنقيد تي بائيڪاٽ ڪندي وزيراعظم جي غير سنجيده رويي ڏانهن ڌيان ڇڪايو.

وزيراعظم جڏهن به قومي ميڊيا تي آيو ته لاڪ ڊائون جي باري ۾ قوم کي مختلف تشريحون ڪري ٻڌائيندو رهيو ۽ سڀني صوبن جي عوام سماجي فاصلي جي تدبيرن کي وساري ڪاروبار بند هجڻ جي باوجود گهرن کان ٻاهر نڪرندي رهي ۽ حالتون ڏينهون ڏينهن خراب ٿينديون ويون ۽ پهرين اپريل تي وزيراعظم تعميراتي شعبي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پيڪيج ڏيڻ جو اعلان ڪيو ۽ ان کي کولڻ لاءِ ايس او پيزجلد ڏيڻ جو اعلان ڪري ٿو. مطلب ته سنڌ حڪومت توڙي وفاقي حڪومت هڪ ٻئي کي نيچو ڏيکارڻ ۽ پنهنجو سياسي قد ڪاٺ مٿي ڪرڻ لاءِ عالمي پسمنظر کي پٺي پويان ڪري فيصلا ڪندا رهيا آهن. تنهن باوجود سنڌ حڪومت جو پوري منظر ۾ ڪنهن حد تائين پختو موقف رهيو آهي جڏهن ته وفاق جي فيصلن جي اڳيان لاچاري پڻ ڏيکاري  وڃي پئي،

سنڌ حڪومت جي ترجمانن ۽ وزيرن جي بقول ته عملي طور تي فيصلا اتفاقِ راءِ سان ڪيا وڃن ٿا پر وفاقي وزير اچي فيصلن جي ابتڙ پريس ڪانفرنسون ڪن ٿا . هن وقت ملڪ ۾ مختلف صنعتون، ننڍا ڪاروبار ۽ بازاورون ۽ مسجدون ايس او پيز تحت کوليون ويون آهن ، ڪاغّذن جي حد تائين ايس اوپيز ته موجود آهن پر انهن تي 80 کان 90 سيڪڙو تائين ڪٿي به عمل درآمد ٿيندي نظر نه ٿو اچي. هاڻي فضائي آمدرفت سان گڏوگڏ زميني آمد رفت لاءِ عوامي ٽرانسپورٽ  سان گڏ مسافر ريل گاڏيون کوليون ويون آهن  پر سنڌ حڪومت ان جي مخالفت ڪري رهي آهي ائين هڪ ٻئي کي اکيون ڏيکارڻ جو سلسلو جاري آهي وري اعليٰ عدالت ڄڻ وفاق ۽ صوبائي حڪومتن کي اڙ مهيا ڪري ڇڏي عيد تائين بازارن کي کولڻ جو حڪم ڏيئي . شهرن ۾ ماڻهن جي پيهه ۽ سياسي ڪشمڪش کي ڏسي محسوس ائين پيو ٿئي ڄڻ وبا کي اسين منهن ڏيئي دنيا جي پهرين فاتح قوم بڻجي چڪا آهيون ان يقين سان ته وبا اسان کي اڳتي ڪجهه به نه ڪري سگهندي. جڏهن ته انگ اکر، طبعي ماهرن جي ڳڻتي  ۽ ڪيسن جي وڌندڙ صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي .

معاشي صورتحال به هن حڪومت جي ڪورونا وبا کان اڳ انگ اکرن موجب  انتهائي ناقص رهي آهي  گهريلو مصنوعات  5.6 کان شروعات  کان  0.38 منفي  تائين هن سال ٿيڻ واري آهي. پر وفاق وٽ وبائي بهانو ۽ عوام جي اڳيان صوبن جي قومي مالياتي ڪميشن ايوارڊ جي نالي تي روينيو کڻي وڃڻ ۽ مالياتي خساري جهڙا سياست ڪرڻ لاءِ ميدان موجود آهن .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.