ڪرداري فساد ۽ احساس محرومي جا اثر

علي رضا لاشاري

ناڪاميءَ جو احساس يا احساس محرومي هڪ ذهني عمل آهي جيڪو غير معمولي ڪردار  پيدا ڪري ٿو ۽ ڪرداري فساد جو ڪارڻ بڻجي ٿو چون ٿا ته ڪنهن زماني ۾ ماڻهن منجھھ احساس جا ڪافي گڻ سمايل هوندا هئا، ماڻهو ٻين ماڻهن جي درد ۾ سندن همدرد بڻيل هوندا هئا، احساس هوندو هو پنهنجائپ هوندي هئي، پر اوچتو الائي ڇا ٿيو جو سڀ ڪجھھ بدلجي ويو محبت جا وڻ سُڪي ٺوٺ ٿي ويا ماڻهن منجھان احساس موڪلائڻ لڳو ماڻهن ٻين جي تڪليفن ۾ سندن همدرد بڻجڻ بدران ڏنڀ ڏيڻ لڳا هڪ ئِي خاندان جي فردن  وچ ۾ويڇا ٿيڻ لڳا، ناڪاميءَ جي احساس جا اثر سڀني تي ظاهر ٿيندا آهن ۽ انهن تي احساس محرومي وري وري حملو ڪندي آهي، ڪو ان کي برداشت ڪري سگھندو آهي، ڪو ان کي برداشت نه ڪندو آهي ڪڏهن معمولي ئِي رهندو آهي ڪڏهن معمولي شدت تي پهچندو آهي، ۽ شدت تي پهچڻ کان پوءِ هيءَ فرد جي غير معمولي ڪردار کي واضح ڪري ٿو ، ان جي نتيجي ۾ ڪرداري فساد ظاهر ٿيندو آهي جڏهن ڪنهن انسان کي پنهنجي محرومي جو احساس پيدا ٿيندو آهي، ته هو پنهنجي ماحول سان هم آهنگي پيدا ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويندو آهي ۽ اهو سلسلو سڄي عمر جاري رهندو آهي ڇو ته اهي سڀ نااميدون دٻيل خواهشن جي شڪل ۾ لاشعور ۾ هلي وينديون آهن،  اتي انهن جي چر پر ۽ تحريڪ جيتري تيز هوندي آهي، اوترو ئِي  فرد جو احساس به وڌي ويندو آهي، ۽ پريشاني ۾ واڌارو پڻ ٿي ويندو آهي ڪرداري فساد به سخت ٿي ويندو آهي، فرد تي هر وقت خاموشي ڇانيل رهندي آهي ۽ ان جي واٽ ۾ رڪاوٽ پيدا ٿيندي آهي ته احساس محرومي به وڌي ويندي آهي، ڪرداري فساد جو سلسلو نه فقط ڪردار، پر ذهن ۽ شخصيت کي به متاثر ڪندو آهي اهڙي حالت ۾ ماهرن جي مدد پوندي آهي، ۽ پوءِ فرد جي زندگيءَ جي تباهي جو مڪمل سامان تيار ٿي ويندو .

هر انسان ۾ فطرِي لاڙا ۽ ڪيئي جذبا ۽ احساس هجن ٿا جن ۾ خوشي ڏک، ارمان، افسوس ، محبت، نفرت ۽ ڪاوڙ وغيره شامل آهن، ڪو به ماڻهو باشعور يا هوشمند هجڻ سان گڏ انهن جذبن کان عارِي نٿو ٿي سگھي پر اڄ ڪلھھ ماڻهو هر ٻئي ماڻهوءَ تي سوار آهي.

خيال مثبت هجن يا منفي جڏهن انهن کي ڀيري ڀيري ورجايو ويندو آهي ته اهي وڌيڪ سگھارا ٿيندا آهن  احساس محروميءَ جو جيڪڏهن علاج نه ڪيو وڃي ته اها ٻي ڪنهن بيماريءَ کان به وڌيڪ ثابت ٿي سگھي ٿي هن بيماري جي مريض جو ذهن جڏهن ان عمل کان گذرندو آهي ته هو چوندو آهي مان ايترو مڪمل صحتمند ناهيان جيترو مونکي هجڻ گھرجي پنهنجي پاڻ کي مطئمن هئڻ جا بهانا ڳوليندو رهندو آهي، احساس محروميءَ جي بيماري جو شڪار ماڻهو عذر ۽ بهانو ڳولهي وٺندو آهي ۽ پوءِ سڄي ڄمار انهيءَ عذر سان چنبڙيو رهي ٿو، هُو انهيءَ عذر جي وضاحت به ڪري ٿو ته  پاڻ به ٻين ماڻهن کي چوي ٿو ته هو ڇو نٿو اڳتي وڌي سگھي  ۽ اها ڳالھھ هِن جي لاشعور ۾ گھر ڪري ويهي رهي ٿي.

پهريان ته محروميءَ جو شڪار شخص پنهنجي عذر کي پنهنجو ڪوڙ ئي سمجھي ٿو، پر جڏهن هُو ان کي ماڻهن جي اڳيان دهرائي ٿو ته پوءِ هو انکي مڪمل ئي سچ سمجھڻ لڳي ٿو، اهو ئي عذر ان شخص جي ناڪاميءَ جو اصل سبب بڻجي ٿو، توهان پنهنجي ڪم کي جاري ساري رکو انفرادي طور تي اوهان پاڻ کي ڪاميابيءَ ڏانهن وٺي هلندا وڃو، پنهنجي پاڻ ۾ محرومي هڪ اهڙي بيماري آهي ، جيڪا ناڪاميءَ جي خلافي قوتِ مدافعت پيدا ڪري ٿي ڇو ته ان کي محرومي ڏانهن وٺي وڃي ٿي انڪري اها وڌ کان وڌ ڪوشش ڪئي وڃي ته ان کان بچجي ڪرداري فسادن جي مڙني سببن کان پاسو ڪجي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.