وڏن ۾ حال ناهي ته ننڍن کان ئي ڪجهه سکي وٺو

جاويد ڀٽي

يورپي ملڪن سان گڏ ڏکڻ ايشيائي ملڪن ۾ ڪورونا وائرس جا ڪيس تيزي سان وڌي رهيا آهن، ڪيترن ئي ملڪن لاڪ ڊائون سان گڏ اسڪول ۽ ڪاروبار کي به بند ڪري ڇڏيو آهي. ان وبا ڪيترا مهينا اڳ ايشيا جي ملڪن کي نشانو بڻايو هو، ڪجهه ايشيائي ملڪن جي ڪورونا تي ضابطو آڻڻ جي حوالي سان ساراهه به ڪئي پئي وڃي.مثال طور سنگاپور، هانگ ڪانگ ۽ تائيوان چين سان پنهنجي زميني سرحدن جي ملڻ باوجود پنهنجي ملڪن ۾ ڪورونا کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ انتهائي هوشياري کان ڪم ورتو. هاڻ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته آخر انهن ملڪن آخر اهڙو ڪجهه ڇا ڪيو جو انهن کي ڪاميابي ملي ۽ ٻيو ته يورپ ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن انهن ملڪن کان ئي ڪجهه ڇو نه سکيو جو انهن ملڪن ۾ ان وائرس ايتري تباهي مچائي ڇڏي. چين ۾ اهو وائرس جيئن ئي وڌڻ شروع ٿيو ته انهن ملڪن فورن هنگامي قدم کنيا. طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته ان وائرس کي روڪڻ جا ڪجهه اهم طريقا آهن جن تي عمل ضروري آهي جن ۾ وڏي پئماني تي ماڻهن جون ٽيسٽون ڪرڻ، متاثر ماڻهن کي ٻين کان ڌار ڪرڻ ۽ سماجي دوري جي همت افزائي ڪرڻ شامل آهي پر ڪيترن ئي ملڪن اهڙن قدمن تي تڪڙ ۾ عمل نه ڪيو جڏهن ته انهن کي گهربل وقت به ملي ويو هو. صحت جي عالمي اداري جي ريسرچ پاليسي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر ٽڪي پينگيسٽو جو چوڻ آهي ته يورپ جي وڏن ۽ انتهائي اهم ملڪن برطانيا ۽ آمريڪا اهو موقعو هٿن مان ئي وڃائي ڇڏيو ۽ هو صرف الزام بازي ۾ ئي لڳي ويا جڏهن ته انهن کي اڳواٽ ئي خبردار ڪيو ويو هو. هن جو چوڻ آهي ته انهن ملڪن کي چين جي صورتحال کي ڏسندي فورن قدم کڻڻ گهرجن ها انهن ملڪن وٽ مڪمل طور تي 2 مهينا هئا پر هو سوچيندا رهيا ته چين انهن کان تمام گهڻو پري آهي ۽ انهن کي ڪجهه به نه ٿيندو.

چين 31 ڊسمبر تي ئي صحت جي عالمي اداري کي خبر ڏني هئي ته ” سارس جهڙي پراسرار نمونيا“ جا ڪيس اسان وٽ ٿيا آهن.انهن وٽ ان وائرس جي هڪ انسان جي ٻئي انسان ۾ منتقلي جو ڪو تصديق ٿيل ڪيس موجود نه هو. ٻيو ته انهن وٽ به انتهائي گهٽ معلومات هئي. پر ٽن ڏينهن جي اندر اندر سنگاپور، تائيوان ۽ هانگ ڪانگ چين سان ملندڙ سمورين سرحدي پوائنٽس تي اسڪريننگ مشينون لڳائي چين توڙي ٻين ملڪن مان ايندڙ هر ماڻهو جي ٽيسٽ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي. تائيوان ته ووهان مان ايندڙ جهازن ۾ سوار مسافرن کي به پنهنجي هوائي اڏي تي لهڻ جي اجازت ئي نه ڏني ۽ انهن جي هوائي اڏي تي ئي ٽيسٽ ڪرڻ شروع ڪري متاثرن کي پاسيرو ڪندا ويا. جيئن جيئن سائنسدانن کي خبر پئي ته اهي ماڻهو به انفيڪشن ڦهلائڻ جو سبب بڻجي سگهن ٿا جن ۾ علامتون ظاهر نه ٿيو ٿين. ان ڪري هر ماڻهو جي ٽيسٽ ڪئي وڃي.ڏکڻ ڪوريا ۾ شروع ۾ وائرس ڪيسن ۾ اضافو ٿيو پر انهن هنگامي بنيادن تي هڪ ڏينهن ۾ ٽيسٽ تيار ڪري ورتي جنهن ذريعي هن وقت تائين 2 لک 90 هزار ماڻهن جي ٽيسٽ ڪري چڪا آهن. اتي روزانو 10 هزار ٽيسٽ مفت ۾ ڪيا ويندا آهن. طب جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ڏکڻ ڪوريا وٽ انفيڪشن ڦهلائڻ وارين بيمارين جي چڪاس جو نظام پهرين ئي موجود هو.2015 ع ۾ 35 ماڻهو ”مرس“ واري وائرس ۾ فوت ٿي چڪا هئا جنهن جي بنياد تي انهن اها ٽيسٽ  تيار ڪري ورتي. پر ان جي ابتڙ آمريڪا ٻن مهينن ۾ به ٽيسٽنگ ڪٽس تيار ڪرڻ ۾ ناڪام ويو. آمريڪا جيڪي پهرين ٽيسٽنگ ڪٽس تيار ڪيون انهن ۾ به نقص نڪري آيا. جڏهن ته نجي ڪمپنين کي به انهن جي ٽيسٽ ڪٽس جي اجازت نه پئي ڏني وڃي. سوين ماڻهو ٽيسٽ ڪرائڻ جي چڪر ۾ هئا پر اهي انتهائي مهانگيون هيون جيڪي ڏکڻ ڪوريا مفت ۾ ڪري رهيو هو.خير بعد ۾ دير سان مفت ٽيسٽ ڪرائڻ جو قانون پاس ڪرايو ويو. ان دوران برطانيا اعلان ڪيو ته جيڪي ماڻهو اسپتال ۾ داخل ٿيندا صرف انهن جي ٽيسٽ ڪئي ويندي  جنهن سان عام ماڻهن جي سڃاڻپ مشڪل ٿي وئي ۽ اهي بعد ۾ انهن ڪيسن جي وڌڻ جو سبب بڻجي ويا. برطانوي ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪي ماڻهو اسپتال ۾ داخل ناهن پر اهي متاثر آهن ته اهي وائرس کي تيزي سان ڦهلائي رهيا آهن. ماهرن جو چوڻ آهي ته برطانيا ۽ آمريڪا کي انهن ماڻهن جي به ٽيسٽ ڪرڻ گهرجي جيڪي متاثر ماڻهن سان مليا آهن.

وائرس تي ضابطي لاءِ سماجي دوري ئي هڪ بهترين هٿيار آهي پر چين جي ڪيل قدمن کي به يورپ جي ملڪن اکين سان ڏسي به نظر انداز ڪيو. چين جي شهر ووهان جتان اهو وائرس شروع ٿيو اتي لاڪ ڊائون شروع ٿيڻ کان اڳ ئي 50 لک ماڻهو شهر ڇڏي چڪا هئا. انهن ڏينهن ۾ چين جي ڪميونسٽ حڪومت انساني تاريخ جو سڀ کان وڏو قرنطينه لاڳو ڪيو هو جڏهن ته اٽلي ۽ اسپين ۾ ڪيسن جي تعداد هزارن تائين پهچڻ بعد ساڳيو چين وارو قدم کنيو ويو. ڪيليفورنيا ۾ شهرين کي صرف گهرن ۾ رهڻ جو حڪم ڏنو ويو هو. ڪاروبار بند ڪيو ويو. ان جي ابتڙ سنگاپور ۾ اڃا تائين  اسڪول کليا پيا آهن. پر جلسن جلوسن تي اڄ به بندش آهي.هانگ ڪانگ ۾ ريسٽورانٽ ۽ بازار کي کوليو ويو آهي. طب جي ماهرن جو چوڻ آهي ته انهن يورپي ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن ان وقت هنگامي قدم کنيا جڏهن ڳالهه سندن هٿن مان نڪري وئي هئي ۽ هزارين ماڻهو موت جو شڪار ٿي ويا.پروفيسر پينگيسٽو چئي ٿو ته جيستائين اوهان کي عوام جو اعتماد حاصل نه هوندو تيستائين اوهان پاليسين تي عمل ئي نه ٿا ڪري سگهو. پر شرط اهو آهي ته اهي پاليسيون سائنسي ثبوتن تي مبني هجن. چين به پهرين ڪو خاص قدم نه کنيو هو پر عوامي تنقيد جي ڪري انهن بعد ۾ انتهائي سخت قدم کڻي پنهنجي واهه واهه ڪرائي ڇڏي.

چين جي ابتڙ آمريڪي صدر ٽرمپ طبي عملدارن سان وبا جي شدت ۽ ڪٽس جي دستيابي تي جهيڙا ڪندي ڏٺو ويو. ٽرمپ حڪومت اهو به نه ٻڌائي سگهي ته ڪيترن ماڻهن جي ٽيسٽ ٿي رهي آهي. ڪيترا ماڻهو مري رهيا آهن. ٽرمپ جي پاليسن جي ڪري خانگي ليبارٽرين پنهنجي ڊيٽا به حڪومت کي ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. پروفيسر اووئي جو چوڻ آهي ته وبا تي ردعمل کي شفاف بڻائڻ گهرجي ڇو جو اهي ئي شيون ماڻهن کي افراتفري ۽ ذخيره اندوزي کان روڪي سگهن ٿيون. صرف ڪجهه حڪومتن عوام کي آگاهه ڪرڻ لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو.هانگ ڪانگ سمورن ڪيسن لاءِ آن لائين پورٽل شروع ڪيو جنهن ۾ نقشن جي مدد سان انهن عمارتن جي به نشاندهي ڪئي وئي جتي جتي اهي ڪيس ٿيا هئا جئين ماڻهو انهن علائقن ڏانهن نه وڃي سگهن. ڏکڻ ڪوريا ۾ جيڪڏهن ڪو ماڻهو متاثر ماڻهو جي ڀرسان به بيٺو آهي ته ان کي موبائل الرٽ جاري ڪيو ويندو آهي. سنگاپور جي وزير اعظم ماڻهن کي حڪم جاري ڪيو ته هو دڪانن تي افراتفري نه ڪن ۽ عوام ان تي عمل به ڪيو.هانگ ڪانگ ۾ عوام موجوده حڪومت جي سخت خلاف آهي پر انهن ڪورونا جي ڪري حڪومت جي هر ڳالهه تي عمل ڪري پاڻ کي بچايو آهي. هاڻ انهن ملڪن ۾ماسڪ ”ٻين جي عزت ڪرڻ“ جي سڃاڻپ بڻجي ويو آهي.

چين ۾گذريل سال جي ڊسمبر ۾ آيل وائرس جي ڇهن مهينن بعد به پاڪستان، هندستان، بنگلاديش، سريلنڪا ۽ ٻين ملڪن هوش کان ڪم نه ورتو ۽ ڪورونا کي سياسي ۽ تڪراري بڻائڻ جي پويان لڳي ويا جنهن سبب ڪورونا به اتي تباهي ڦهلائڻ شروع ڪئي آهي ۽ هاڻ انهن جي هٿن مان نڪري رهي آهي. پاڪستان ۾ وفاقي حڪومت صوبن سان جهيڙن ۾ پوري آهي ۽ خود وزير اعظم وائرس بابت بڏتڙ جو شڪار آهي ته ڪورونا آهي به يا ناهي.لاڪ ڊائون ۾ نرمي ڪري هاڻ ان کي مڪمل غير اعلانيا طور ختم ڪيو ويو آهي جنهن سبب صرف مئي مهيني ۾ ئي ڪيس 40 هزار کان وڌي ويا آهن. عالمي ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي ٽيسٽنگ جي ڪا خاص سهولت ناهي. اسپتالن جو حال خراب آهي. سيفٽي ڪٽس ناهن پر جيڪڏهن هو لاڪ ڊائون ذريعي سماجي دوري سان ڪنٽرول ڪرڻ چاهن ته وائرس کي ٿڌو ڪري سگهن ٿا پر سياسي حالتن جي ڪري ائين مشڪل لڳي رهيو آهي.

طب جي عالمي ماهرن جو چوڻ آهي ته يورپي ۽ ڏکڻ ايشيا جي ملڪن پاڪستان ۽ هندستان کي هاڻ وائرس کي روڪڻ لاءِ انهن ايشيائي ملڪن مان سکڻ گهرجي ڇو جو اها وبا اڃا ڪيترا سال هلندي. طب جي ماهر پروفيسر ڪاولنگ خدشو ظاهر ڪيو آهي ته جيڪڏهن يورپ ۽ ڏکڻ ايشيا جي ملڪن ۾ لاڪ ڊائون ختم ڪيو ويو ته پوءِ اهو وائرس وري نوان حملا ڪندو. مون کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته سماجي دوري ايترو عرصو قائم رهي سگهي ٿي. اسان ان وقت تائين سک جو ساهه نه ٿا کڻي سگهون جيستائين ويڪسين تيار ٿي نه ٿي وڃي.جنهن ۾ به 18 مهينا لڳي سگهن ٿا. ماهرن جو چوڻ آهي ته ڊگهي ۾ ڊگهو لاڪ ڊائون معيشت لاءِ تباهه ڪندڙ آهي جڏهن ته اهو وائرس عوامي صحت کي اڃا به نقصان پهچائي سگهي ٿو.هاڻ اسان وٽ انهن ٻنهي شين مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻ جي ڪا گنجائش ئي ناهي بچي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.