”حادثي جو شڪار جهاز ۾ ڪا خرابي نه هئي، جاچ ۾ سڀ واضح ٿي ويندو“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائن جي چيف ايگزيڪٽو آفيسر ايئر مارشل ريٽائرڊ ارشد ملڪ جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ آبادي تي ڪِري تباهه ٿيل جهاز ۾ ڪا به خرابي نه هئي پر جاچ کان پوءِ سموريون حقيقتون سامهون اچي وينديون.

پي آءِ اي جي ٽريننگ سينٽر ۾ نيوز ڪانفرنس ڪندي ارشد ملڪ چيو ته شهيد پائلٽ جي وارثن جو حوصلو ڏسي مون کي به حوصلو مليو، الله جهاز حادثي ۾ شهيد ٿيلن جا درجا بلند ڪري ۽ وارثن کي صبر عطا فرمائي.

هن ٻڌايو ته جهاز ٽيڪ آف ڪرڻ کان پهرين انجنيئر کان ڪليئر ڪرايو ويندو آهي، جهاز ٽيڪنيڪي طور تي پوري طرح محفوظ هو، جهاز کي ليڊنگ جي اجازت ڏني وئي هئي جنهن کان پوءِ پائليٽ گو رائونڊ ڪندو آهي جنهن بابت ڪو به شڪ نه رکو، اسان وٽ فرلائٽ ڊيٽا ريڪارڊر ۽ بليڪ باڪس هوندو آهي جنهن مان هر شئي سامهون اچي ويندي آهي.

سندس چوڻ هو ته جهاز کي گو رائونڊ کان پوءِ پائليٽ ٻي اپروچ جي لاءِ اسٽيبلش ڪرڻ جي ڪال ڏني، جڏهن هو ٻي اپروچ جي لاءِ اسٽيبلش ڪندو آهي ته اُتي هن سان ڪجهه ٿيو جنهن بابت وائرس ريڪارڊنگ ۽ ڊيٽا ريڪارڊنگ ۾ ڳالهيون سامهون اينديون.

ارشد ملڪ چيو ته جاچ ۾ سموريون حقيقتون سامهون اينديون ته ڇا جهاز ۾ ڪا ٽيڪنيڪي خرابي هئي، ٻاهران کان شئي ٽڪرائي يا ڪو ٻيو مسئلو ٿيو، جڏهن ته حادثي جي انڪوائري هوابازي واري وزارت مڪمل ڪندي.

هن وڌيڪ چيو ته حادثي بابت ميڊيا تي ڪجهه ماڻهو شر ۽ فساد پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن جڏهن ته اِهو شهيدن جي وارثن جو مذاق اڏائڻ جي برابر آهي، آئون ميڊيا کان درخواست ٿو ڪيان ته نالي ماتر ماهرن کان خبردار رهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.