ڪنڊيارو: زمين جي معاملي تان جهيڙو، 2 ڄڻا قتل

عوامي آواز رپورٽ
ڪنڊيارو: زمين جي معاملي تان جهيڙو، 2 ڄڻا قتل
عوامي آواز رپورٽ ڪنڊيارو: زمين جي معاملي تان جهيڙو، 2 ڄڻا قتل

ڪنڊياري  ڀرسان زمين جي معاملي تان جيڙي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

ڪنڊياري ڀرسان ڳوٺ ٻڍل مڱريو ۾ مبينه زمين جي مامري تان جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾  38 ورهين جو عبدالستار مڱريو ۽ 12 ورهين  جو نصير مڱريو گوليون لڳڻ سبب مارجي ويا جڏهن عبدالعزيز ، فياض مڱريو سميت پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتين ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو.

هوڏانهن مڱريا برادري جي ماڻهن نجيب ۽ ببلو مڱريو ۽ ٻين ڪنڊيارو تعلقه اسپتال انتظاميا خلاف احتجاج ڪندي چيو ته تعلقه اسپتال ۾ ڪنهن به قسم جي سهولت نه آهي سهولتن جي فقدان جو نوٽس ورتو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.