ڪراچي ۾ جهاز حادثو ڪهڙي مسئلي سبب پيش آيو…؟ شروعاتي جاچ رپورٽ تيار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز (پي آءِ اي) جي جهاز کي پيش آيل حادثي جي شروعاتي جاچ رپورٽ تيار ڪئي وئي.

ذريعن موجب ايوي ايشن اختيارين کي جهاز حادثي جي شروعاتي رپورٽ ڏني وئي جنهن ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته جهاز ليڊنگ گيئر جام ٿيڻ تي پکين سان ٽڪرائجي پيو.

رپورٽ موجب لينڊنگ گيئر خراب هئڻ سبب پائلٽ جهاز کي ليڊنگ جي لاءِ هيٺ آندو، ان دوران بدقسمت جهاز هڪ پکي سان ٽڪرائجي پيو انهيءَ دوران جهاز جا ٻئي انجڻ مڪمل طور تي بند ٿي ويا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته رپورٽ موجب انجڻ مان گهٽ طاقت ملڻ سبب جهاز جي بلندي انتهائي گهٽ ٿيندي وئي ۽ ڪجهه ئي دير ۾ جهاز پنهنجي بلندي برقرار نه رکي سگهيو، ان موقعي تي پائليٽ ” مي ڊي“ جي ڪلاڪ ڏئي ڇڏي.

رپورٽ موجب جهاز رن وي تي پهچڻ کان پهرين ئي آبادي واري علائقي ۾ گهر سان ٽڪرايو، جنهن وقت جهاز گهرن جي مٿانهين منزل سان ٽڪرايو ان وقت هو گلائيڊ ڪري رهيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.