پي آءِ اي حادثو: لاشن جي ڊي اين اي ٽيسٽ جو سلسلو  شروع

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ پاڪستان انٽر نيشنل ايئرلائن جي جهاز جي حادثي بعد سنڌ حڪومت اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته حادثي واري جاءِ تان هن وقت تائين 32 لاش جناح اسپتال ۽ سول اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن.

سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو آهي ته لاش جي ڊي اين اي ٽيسٽ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي ۽ سمورين اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.

هن چيو ته جناح اسپتال جي سموري صورتحال مان مطمئن آهيون ڇو ته ڪورونا جي ڪري پهرين ئي اسپتال ۾ هاءِ الرٽ هو.

سندس چوڻ هو ته جهاز ڪِرڻ جو افسوس جوڳو حادثو پيش آيو آهي، گهرن جي مٿان جهاز ڪِرڻ سبب زخمين جو انگ وڌيڪ آهي ۽ ڪيترائي لاش جناح اسپتال آندا ويا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.