ڪراچي جهاز حادثي ۾ بينڪ آف پنجاب جو سربراهه معجزاڻي طور بچي ويو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ حادثي جو شڪار پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائن ۾ سوار ڪيترا ئي مسافر معجزاڻي طور بچي ويا آهن .

حادثي ۾ معجزاڻي طور بچي ويلن ۾ بينڪ آف پنجاب جو سربراهه ظفر مسعود شامل آهي ۽ هن کي دارالاصحت اسپتال منتقل ڪيو ويو.

اسپتال انتظاميا جي موجب پنجاب بينڪ جي صدر جي ڪلهي ۽ ڪالر جي هڏي فريڪچر ٿي آهي ۽ هن جسم تي سڙڻ جا ڪي به نشان ناهن، رڳو رهڊون آيون آهن.

وڏي وزير جي اسپتال آمد:

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بينڪ آف پنجاب جي صدر ظفر مسعود جي عيادت ڪئي.

سنڌ جي وڏي وزير جي ترجمان موجب سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ظفر مسعود جي عيادت ڪئي، الحمد الله ظفر مسعود جي حالت بهتر آهي، وڏي وزير ظفر مسعود سان مختصر ڳالهه ٻولهه به ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.