اهم ڪيس ۾ جواب جمع ڪرائڻ جو آخري موقعو، راجا بشارت اليڪشن ڪميشن طلب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن نااهلي ڪيس ۾ جواب جمع ڪرائڻ جي لاءِ پنجاب جي قانون واري وزير راجا بشارت کي 3 جون کي طلب ڪري ورتو.

اليڪشن ڪميشن پيشي جي لاءِ مسلم ليگ ق جي اڳواڻ راجا بشارت ۽ درخواست گزار کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

پنجاب جي قانون واري وزير جي نااهلي جي لاءِ هن جي اڳوڻي گهرواري سيمل وحيد درخواست اليڪشن ڪمشن ۾د اخل ڪري رکي آهي جڏهن ته اليڪشن ڪميشن راجا بشارت کي جواب جمع ڪرائڻ جو آخري موقعو ڏئي رکيو آهي.

سيمل وحيد پنجاب جي قانون واري وزير راجا بشارت تي نامزدگي وارن ڪاغذن ۾ اثاثا لڪائڻ جو الزام هنيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.