بلوچستان اندر لاڪ ڊائون ۾ نرمي سبب ڪورونا جا ڪيس وڌي ويا، گهرو وزير جو اعتراف

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ)  بلوچستان جي گهرو وزير ضيا لانگو جو چوڻ آهي ته لاڪ ڊائون ۾ نرمي سبب صوبي ۾ ڪورونا وائرس جي پکڙجڻ جا خدشا وڌي ويا آهن.

ضيا لانگو چيو ته احتياطي تدبير تي عمل ۽ سماجي وٿي برقرار رکڻ جي ضرورت پهرين کان وڌي وئي آهي، عوام خريداري ڪندي وقت احتياطي تدبير تي سختي سان عمل ڪري.

بلوچستان جي گهرو وزير چيو ته احتياطي تدبير تي عمل نه ٿيڻ جي صورت ۾ مارڪيٽون مجبور ٿي سيل ڪرڻيون پونديون.

خيال رهي ته وزير اعظم عمران خان جي هدايت تي عمل ڪندي ٻين صوبن جيان بلوچستان حڪومت به 9 مئي تي لاڪ ڊائون ۾ نرمي ڪئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.