ڪراچي: موبائيل مارڪيٽ ۾ دڪاندار ڇهين ماڙ تان ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) موبائيل فون جي واپاري مارڪيٽ جي ڇهين ماڙ تائين مبينا طور ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول دڪاندار عابد الياس ميمڻ ڇهين ماڙ تان مبينا طور تي ٽپو ڏئي آپگهاتڪيو، مقتول جو ٻئين ماڙ تي موبائيل جو دڪان هو ۽ عابد الياس ميمڻ سٺي ڪردار جو دڪاندار هو.

پوليس موجب شروعاتي جاچ ۾ مقتول تي ڪي به مالي ڏکيائيون ثابت ناهن ٿيون ۽ هن جي وارثن جو به اِهو ئي چوڻ آهي ته عابد الياس سان ڪي به مالي ڏکيائيون نه هيون ان ڪري آپگهات جو سبب نٿا ڄاڻون.

ٻئي پاسي صدر اليڪٽرونڪس ڊيلر ايسوسيئيشن جي صدر رضوان عرفان واپاري جي آَپگهات کي مالي ڏکيائي قرار ڏنو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.