سڄي سنڌ ۾ عيد نماز جي لاءِ هدايت نامو جاري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت عيد نماز ۽ جمعته الوداع جي لاءِ ايس او پيز جاري ڪري ڇڏي.

صوبائي گهرو کاتي طرفان ان سلسلي ۾ هدايت نامو جاري ڪيو ويو جيڪو ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن ڏانهن موڪليو ويو آهي.

هدايت نامي ۾ چيو ويو آهي ته عيد نماز جي لاءِ مقرر ماڳن جي پهرين کان نشاندهي ڪئي وڃي، جمعته الوداع ۽ عيد نماز جا اجتماع کليل ماڳن تي ڪيا وڃن.

هدايت نامي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته عيد نماز جي اجتماعن جي لاءِ 20 نقطن واري ضابطي تي عمل ڪرايو وڃي، نمازين جو انگ وڌڻ تي هڪ مقام تي هڪ کان وڌيڪ ڀيرا عيد نماز ادا ڪئي وڃي.

سنڌ جي گهرو کاتي فول پروف سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ جي به هدايت ڪندي چيو ته بازارن، بس اسٽينڊ، هاءِ ويز ۽ قبرستانن ڏانهن سيڪيورٽي کي يقيني بڻايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.