کنڊ بحران رپورٽ: مخالف ڌر جو وزير اعظم کان استعيفيٰ جو مطالبو

لاهور(ويب ڊيسڪ) شگر انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ تي مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف وزير اعظم عمران خان کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

پنهنجي هڪ بيان ۾ شهباز شريف چيو ته کنڊ بحران ۾ عمران خان کي ذميوار قرار ڏئي رپورٽ ۾ ڪاري کي اڇو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، عمران خان پهرين قومي ناڻو ڦرڻ جي اجازت ڏني پوءِ چيو ته جن لٽيو انهن کي گرفتار ڪيو، عوام جي اڄ اٽي کنڊ چوري جي سمورن فيصلن جي منظوري عمران خان ڏني، قوم کي ڦرڻ جي اجازت ڏيندڙ وزير اعظم مستعفيٰ ٿئي.

هن چيو ته قوم کي ڦريندڙن جو لائسنس عمران خان ڏنو، ان تي صحِيح هن ئي ڪئي، هاڻ هو ان ذميواري کي ڪنهن ٻئي تي نٿو مڙهي سگهي، عوام جي کنڊ چور ڪندڙ گروپ جي سربراهه جو نالو وزير اعظم عمران خان آهي.

مخالف ڌر اڳواڻ جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ کنڊ جو ذخيرو هو ئي نه، پوءِ وزير اعظم اجازت ڇو ڏني؟ شگر ايڊوائزري بورڊ ۽ خوراڪ واري سيڪٽري کنڊ برآمد جي مخالفت ڪئي ۽ وزير اعظم مخالفت جي باوجود کنڊ برآمد ڪرڻ جي اجازت ڇو ڏني؟

هن وڌيڪ چيو ته قوم کي 2-2 ڀيرا ڦريو ويو، هڪ ڀيرو برآمد جي اجازت ڏئي ۽ پوءِ 36 رپيا في ڪلو مهانگي کنڊ وڪڻي، کنڊ ٻاهر موڪلڻ جي اجازت ڏيڻ، ان جي ذخيري اندوزي کي قرباني جو ٻڪر بڻائڻ سان هن جي ذميواري ختم نه ٿيندي، وزير اعظم اقتصادي رابطا ڪميٽي ۽ سبراهه طور ڪابينا جي هر فيصلي جو ذميوار آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.