ڪراچي ايئرپورٽ ڀرسان پي آءِ اي جو مسافر جهاز گهرن مٿان ڪِري پيو، 60 مسافر فوت

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز (پي آءِ اي) جو لاهور کان ڪراچي ايندڙ مسافر جهاز اي 320 ايئر بس جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪراچي جي ڀرسان رهائشي علائقي ۾ ڪري تباهه ٿي ويو جنهن مان هن وقت تائين جي اطلاعن موجب 57 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.

شروعاتي اطلاعن موجب واقعو ماڊل ڪالوني جي علائقي جناح گارڊن ۾ پيش آيو، جتي جهاز رهائشي گهرن جي مٿان ڪري پيو جنهن ۾ ڪيترن ئي ڄڻن جي مارجڻ جي تصديق ڪئي وئي.

پي آءِ اي جي ترجمان عبدالستار واقعي جي تصديق ڪئي ۽ چيو ته پي آءِ اي جو جهاز 8303 لاهور مان 90  مسافرن ۽ عملي جي 8 ماڻهن کي کڻي ڪراچي اچي رهيو هو.

جهاز ۾ خانگي چينل 24 نيوز جي ڊائريڪٽر پروگرامنگ انصار نقوي به موجود هو، ان کان سواءِ بينڪ آف پنجاب جو صدر ظفر مسعود به جهاز ۾ موجود هو.

حادثي کان اڳ پائلٽ جي مي ڊي جي ڪال:

ٻئي پاسي پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب مسافر جهاز امڪاني لينڊنگ کان ڪجهه سيڪنڊ اڳ تباهه ٿيو، ويب سائيٽ لائيو اي ٽي سي ڊاٽ نيٽ تي موجود ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول سان پائلٽ جي آخري ڳالهه ٻولهه مان اِشارو ملي ٿو ره جهاز لينڊ ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويو هو ۽ هڪ ٻي ڪوشش جي لاءِ چڪر هڻندو رهيو.

هڪ پائليٽ کي ٻڌو ويو ته سر! اسان سڌو اڳتي وڃي رهيا آهيون، اسان جي انجڻ مڪمل تباهه ٿي وئي آهي.

ايئر ٽريفڪ ڪنٽرولي ڪوشش ڪرڻ جو چيو ۽ رن وي خالي هئڻ جي باري ۾ آگاهه ڪيو.

رابطا ڪٽجڻ کان اڳ پائليٽ مي ڊي جي ڪال ڏني ۽ چيو ته سر مي ڊي، مي ڊي، مي ڊي، مي ڊي پاڪستان 8303.

ترجمان ٻڌايو ته جهاز جو رابطو 2 لڳي 37 منٽن تي ڪٽجي ويو، حادثي جا سبب ڄاڻڻ جي باري ۾ اڃان ڪجهه به چوڻ وقت کان اڳ هوندو، اسان جو عملو هنگامي لينڊنگ جي لاءِ تربيت يافته آهي.

ترجمان چيو ته منهنجو دعائون سمورن متاثر وارثن سان گڏ آهن، اسان شفاف طريقي سان ڄاڻ فراهم ڪندا رهنداسين.

سنڌ جي صحت واري وزير:

ان حادثي کان پوءِ سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو جناح پوسٽ گريجويٽ ميڊيڪل سينٽر (جي پي ايم سي) جو دورو ڪيو ۽ ٻڌايو ته حادثي ۾ ڪيترا زخمي ٿيا آهن اِهو چوڻ وقت کان اڳ هوندو.

هن چيو ته جناح اسپتال ۾ 11 لاش ۽ 6 زخمي کي آندو ويو جنهن ۾ 4 جي حالت بهتر ۽ 2 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي ۽ هو سڙيل آهن.

صحت واري صوبائي وزير جو چوڻ هو ته اختيارين حادثي جو شڪار ماڻهن جي سڃاڻپ جو سلسلو جاري رکيو آهي جيئن هنن جي وارثن کي آگاهه ڪري سگهجي.

هن ٻڌايو ته هن وقت تائين 35 لاش جناح اسپتال جڏهن ته 19 سول اسپتال آندا ويا جڏهن ته ان حادثي ۾ 3 ڄڻا محفوظ به رهيا.

بعد ۾ تصحيح ڪندي ٻڌايو ته حادثي ۾ 2 ڄڻا محفوظ رهيا جڏهن ته 55 ڄڻا فوت ٿي ويا.

ايڌي فائونڊيشن:

ريسڪيو سروس ايڌي جي ترجمان سعد ايڌي ٻڌايو ته 13 لاش مختلف اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيا ويا.

هن ٻڌايو ته لڳ ڀڳ 25 کان 30 زخمي ماڻهو آهن جيڪي علائقي واسي آهن ۽ انهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پر گڏوگڏ ئي هن اِهو واضح ڪيو ته اڃا فوت ٿيلن ۽ زخمين جي باري ۾ ڪا خاص ڄاڻ ناهي ملي.

چيف ايگزيڪٽو آفيسر:

واقعي کان پوءِ پي آءِ اي جي چيف ايگزيڪٽو آفيسر ايئر مارشل ارشد ملڪ فوري طور تي ڪراچي روانو ٿيندي وقت هڪ ويڊيو پيغام ۾ ۾ چيو ته پائلٽ ڪنٽرول روم کي ٻڌايو ته جهاز ۾ ڪو ٽيڪنيڪي مسئلو آهي ۽ هن ليڊنگ جي لاءِ 2 رن وي تيار هئڻ جي باوجود ليڊنگ بدران واپس گهمڻ جو فيصلو ڪيو.

ان واقعي کان فوري پوءِ سامهون آيل فوٽيجز ۾ حادثي جي مقام تان دونهون اڏامندي ڏٺو ويو جڏهن ته واقعي واري هنڌ موجود اکين ڏٺين شاهدن ميڊيا کي ٻڌايو ته جهاز ۾ تباهه ٿيڻ کان پهرين ئي باهه لڳل هئي.

ان سموري معاملي تي سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته جهاز آبادي ۾ ڪريو ۽ اسان کي حادثي جي نتيجي ۾ علائقي ۾ فوتگين تي ڳڻتي آهي.

هن چيو ته رينجرز ۽ ريسڪيو سروسز کي متاثر علائقي موڪليو ويو آهي اسان وڌ کان وڌ ماڻهن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.

امدادي ڪارروائيون:

واقعي کان فوري پوءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا، ريسڪيو اختياريون ۽ مقامي ماڻهو واقعي واري هنڌ پهچي ويا.

پي آءِ اي طرفان ان سلسلي ۾ ايمرجنسي رسپانس يونٽس جي نمبر به جاري ڪيا ويا جيئن جيڪڏهن ڪو به فرد واقعي بابت يا مسافرن بابت تفصيل ڄاڻڻ چاهي ته هو رابطو ڪري.

آءِ ايس پي آر:

هوڏانهن پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر بيان جاري ڪندي چيو ته ڪوئڪ ري ايڪشن فورس ۽ پاڪستان رينجرز سنڌ امدادي ڪارروائين جي لاءِ واقعي واري هنڌ پهچي وئي ۽ هو سول انتظاميا جي مدد ڪري رهي آهي.

آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته جهاز حادثي تي نقصانن ۽ سڃاڻپ ۽ ريسڪيو قدمن جي لاءِ پاڪ فوج جا آرمي ايوي ايشن هيلي ڪاپٽر روانا ڪيا ويا آهن.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته اربن سرچ اينڊ ريسڪيو ٽيمن کي ريسڪيو قدمن جي لاءِ واقعي واري هنڌ روانو ڪيو ويو آهي.

پاڪستان ايئر فورس:

اتي ئي پاڪستان ايئر فورس طرفان ٻڌايو ويو ته حادثي تي ٻين ايجنسين سان گڏ پي اي ايف جا فائر فائٽرز ريسڪيو آپريشن ۾ مصروف آهن.

ان موقعي تي ڳري مشينري سان ليس پاڪستان ايئر فورس جون امدادي ٽيمون ٻين ادارن سان گڏجي امداد ڪارروائين ۾ حصو وٺي رهيون آهن، جڏهن ته زخمين کي شروعاتي طبي امداد ۽ ملبي جي هيٺان ڪڍڻ وارو ڪم جاري آهي.

بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پي اي ايف جا هيليڪاپٽر به هوائي نگراني ڪري رهيا آهن.

پاڪستان نيول فورس:

هوڏانهن پاڪستان نيول فورس جي ترجمان طرفان ٻڌايو ويو آهي ته ڪراچي ۾ جهاز ڪِرڻ کان پوءِ لڳل باهه تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ پاڪستان نيول به سهڪار ڪري رهي آهي.

ترجمان ٻڌايو ته پاڪ بحريا جون 4 فائر ٽينڊز واقعي واري هنڌ موجود آحن.

عاصم سليم باجوه:

ان کان سواءِ وزير اعظم جي سڌُ سماءَ ۽ نشريات بابت خاص مددگار عاصم سليم باجوه جو چوڻ هو ته وزير اعظم جي هدايتن تي سموري ايمرجنسي سروسز ۽ وسيلا ڪتب آندا ويندا.

صحت کاتي جي ميڊيا ڪورآرڊينيٽر:

ٻئي پاسي سنڌ جي صحت واري کاتي جي ميڊيا ڪورآرڊينيٽر ميران يوسف موجب صحت واري وزارت ڪراچي جي سمورين وڏين اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.

ناصر حسين شاهه:

جهاز حادثي جو اطلاع ملندي ئي سنڌ جي سڌُ سماءَ واري وزير ناصر حسين شاهه شهر جي سمورين فائر بريگيڊ گاڏين کي فوري طور تي ماڊل ڪالوني ۾ حادثي واري مقام تي پهچي امدادي ڪارروائين جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سنڌ جي سڌُ سماءَ واري وزير ناصر حسين شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي 2 مسافرن جي بچي وڃڻ جي تصديق ڪئي ۽ ٻڌايو ته انهن کي زخمي حالت ۾ اسپتال آندو ويو هو.

ناصر حسين شاهه چيو ته اختياريون ڊيٽا گڏ ڪري رهيون آهن ان ڪري زخمين ۽ فوتين جو حمي انگ اکر ڏيڻ وقت کان اڳ هوندو.

مرتضيٰ وهاب:

ان کان سواءِ سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب انهن ٻن ڄڻن جي بچي وڃڻ جي وڌيڪ تفصيل ٻڌائي ۽ چيو ته ظفر مسعود ۽ محمد زبير معجزاڻي طور محفوظ رهيا آهن ۽ ٻنهي جي حالت بهتر آهي.

سعيد غني:

وڌيڪ اِهو ته سنڌ جي تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني ڪراچي جهاز حادثي ۾ بچي ويل هڪ مسافر سان گڏ پنهنجي تصوير شيئر ڪئي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ تي اسپتال ۾ موجود هڪ معمولي زخمي سان گڏ پنهنجي تصوير شيئر ڪندي سعيد غني دعويٰ ڪئي ته محمد زبير نالي هي شخص حادثي ۾ جيئرو بچي ويل خوشقسمتن مان هڪ آهي.

خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي سعيد غني جو چوڻ هو ته محمد زبير سيالڪوٽ کان ڪراچي عيد ملهائڻ اچي رهيو هو ۽ بدقسمت جهاز تي سوار هو.

پاڪ فوج جو ترجمان:

هوڏانهن پاڪ فوج جي ترجمان طرفان ٻڌايو ويو ته ڪراچي ۾ جهاز ڪرڻ کان پوءِ لڳل باهه تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ پاڪ بحريان به سهڪار ڪري رهي آهي.

ترجمان ٻڌايو ته پاڪ بحريا جون 4 فائر ٽينڊرز واقعي واري هنڌ ڏانهن روانيون ڪيون ويون آهن.

ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر جناح اسپتال:

هوڏانهن جناح اسپتال جي ايگزڪيٽو ڊائريڪٽر سيمي جمالي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 2 عورتن ۽ 4 مردن کي زخمي حالت ۾ اسپتال آندو ويو.

هن چيو ته اسان کي لڳي ٿو ته ڪيترن ئي زخمين کي هتي آندو ويندو اسان ڪورونا وائرس جي ڪري احتياط سان ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ ان حوالي سان جيڪو ڪجهه ٿي سگهي ٿو اسان ڪري رهيا آهيون.

واقعي تي افسوس جو اظهار:

ڪراچي ۾ جهاز ڪرڻ تي وزير اعظم عمران خان، هٿياربند فوجن جي سربراهن، چيف جسٽس آف پاڪستان، مخالف ڌر پارٽين جي سربراهن سميت مختلف سياسي ۽ سماجي شخصيتن افسوس جو اظهار ڪيو.

وزير اعظم عمران خان:

وزير اعظم عمران خان پنهنجي هڪ پيغام ۾ چيو ته پي آءِ اي جو جهاز ڪِرڻ تي دل نهايت رنجيده ۽ ڏکايل آهي.

هن لکيو ته هو سي اي او ارشد ملڪ ۽ واقعي واري هنڌ موجود امدادي ٽيمن سان رابطي ۾ آهي، گڏوگڏ ئي هن چيو ته ان سانحي جي فوري جاچ ڪرائي وينيد، منهنجون دعائون ۽ سموريون همدرديون متاثر خاندانن سان گڏ آهن.

آءِ ايس پي آر:

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف پي آءِ اي جهاز حادثي جي خوفناڪ حادثي ۾ قيمتي جانين جي ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ڏکيائي جي هن وقت ۾ سوڳوار خاندانن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف ۽ ريسڪيو ۽ امدادي ڪارروائين ۾ سول انتظامي  جي مدد مڪلم ڪرڻ جي به هدايت ڪري ڇڏي.

چيف جسٽس آف پاڪستان:

هوڏانهن چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد ۽ سپريم ڪورٽ جي ٻين ججن طرفان به ڪراچي ۾ پي آءِ اي جو جهاز تباهه ٿيڻ واري افسوس جوڳي واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو.

هنن واقعي ۾ قيمتي انساني جانين جي ضايع ٿيڻ تي وارثن سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو.

پاڪستان نيول چيف:

پاڪ بحريا جي سربراهه ايڊمرل ظفر محمود عباسي به پي آءِ جي جهاز سان پيش آيل واقعي تي افسوس جوا ظهار ڪيو.

نيول چيف چيو ته پاڪ بحريا ڏکايل خاندانن جي ڏک ۾ شريڪ آهي.

سول ايوي ايشن:

سول ايوي ايشن جهاز جي حادثي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته اسان جي دل ۽ دعائون متاثر ۽ هنن جي خاندانن سان گڏ آهن.

هوابازي وارو وزير غلام سرور خان:

ان کان اڳ ڪراچي ۾ جهاز حادثي جي فوري بعد هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته اسن جي ٽيم ڪراچي شهر وڃي ان جي جاچ ڪندي.

سندس چوڻ هو ته ماڻهو عيد ملهائڻ جي لاءِ پنهنجي گهرن ڏانهن وڃي رهيا هئا ته افسوس جوڳو حادثو پيش آيو.

شبلي فراز:

ان حادثي تي سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير شبلي فراز گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

هن چيو ته هي انتهائي ڏکوئيندڙ واقعو آهي، اسان متاثر خاندانن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، هن وقت اسان جو بنيادي ڌيان امدادي ڪارروائين تي آهي.

شهباز شريف:

پي آءِ اي جي جهاز حادثي تي پاڪستان مسلم ليگ جي صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف سخت ڏک، ڪاوڙ ۽ افسوس جو اظهار ڪيو.

هن چيو ته حادثي تي سڄي قوم کي دلي ڏک آهي، متاثر خاندانن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيون ٿا ۽ هنن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.

شهباز شريف مطالبو ڪيو ته هي حادثو ڪيئن پيش آيو ان حوالي سان اعليٰ سطح جاچ ڪرائي وڃي.

آصف علي زرداري:

ملڪ جي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري به جهاز حادثي جو افسوس جو اظهار ڪيو.

اڳوڻي هدايت ڪئي ته سنڌ حڪومت فوت ٿيلن جي وارثن جي اخلاقي مدد ڪري ۽ پارٽي عهديدار ۽ وزير حادثي مان متاثر خاندانن سان رابطا ڪن.

بلاول ڀٽو زرداري:

ڪراچي ۾ پيش آيل واقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري افسوس جو اظهار ڪندي متاثر خاندانن سان دلي تعزيت ۽ همدردي ڪئي.

پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته حادثي ۾ قيمتي جانيون جو ضايع ٿيڻ مون سميت سڄي قوم جي لاءِ صدمي جو سبب آهي، انساني جانين کي بچائڻ جي لاءِ سنڌ حڪومت سمورا وسيلا ڪتب آڻي.

مولانا فضل الرحمان:

جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان پي آءِ اي جهاز حادثي تي افسوس جو اظهار ڪيو.

چيني سفارتخانو:

پاڪستان ۾ موجود چيني سفارتخاني طرفان ڪراچي ۾ جهاز حادثي تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو.

پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ سفارتخاني لکيو ته ڪراچي ايئرپورٽ جي ڀرسان پي آءِ اي جهاز حادثي ۾ پنهنجي پيارن کي وڃائيندڙ ماڻهن سان سان دلي تعزيت ڪيون ٿا، ڏک جي هن وقت ۾ اسان پاڪستان گڏ آهيون.

آمريڪي سفارتخانو:

ان سان گڏوگڏ ئي آمريڪي سفارتخاني به واقعي تي افسوس جو بيان جاري ڪيو.

ٽوئيٽر تي هڪ ٽوئيٽ ۾ لکيو ويو ته پاڪستان موجود آمريڪي وف طرفان ڪراچي جهاز حادثي ۾ پنهنجي فوت ٿيل پاڪستاني عوام ۽ هن جي وارثن سان دلي تعزيت ڪيون ٿا.

ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي:

ان کان سواءِ ڀارت جي وزير اعظم نريندر مودي به پاڪستان ۾ جهاز حادثي ۾ انساني جانين جي ضايع ٿيڻ تي افسوس ڪيو.

پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن ليو ته واقعي ۾ فوت ٿيلن جي وارثن سان تعزيت ڪيون ٿا ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي لاءِ دعاڳو آهيون.

افغان صدر اشرف غني:

گڏوگڏ ئي افغان صدر اشرف غني طرفان به ڪراچي ۾ پي آءِ اي جي جهاز سان پيش آيل حادثي ۾ انساني جانين جي ضايع ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪيو.

هن لکيو ته منهنجي دل حادثي ۾ حياتي وڃائيندڙن جي وارثن سان گڏ آهي، آئون پاڪستان حڪومت ۽ اتي جي ماڻهن سان تعزيت ڪيان ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.