غزاله بتول جي شهادت جو ڏينهن

ھدايت الله سومرو

22 مئي 2012 جڏهن پيپلزپارٽي جي حڪومت هوندي ڌرتي ڌڻين ڪراچي ۾ سنڌ جي وحدت بچائڻ لاءِ محبت سنڌ ريلي ڪڍي ته مٿن ايم ڪيو ايم جي جي دهشتگردن انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ غزاله بتول صديقي سميت 10 ماڻهو شهيد ۽ 30 کان وڌيڪ زخمي ڪيا ويا ان سموري عمل ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي خاموشي سواليه نشان بڻيل هئي ته ٻئي پاسي حڪومت دهشتگردن جي حوصلا افزائي ڪري رهي هئي دهشتگرد سرعام ڇتين تان پرامن محبت سنڌ ريلي تي فائرنگ ڪري رهيا هئا پر پوليس سميت تمام قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تيسيتائين سندن ويجهو وڃڻ گوارا نه ڪيو جيسيتائين دهشتگردن کي مليل ٽارگيٽ پورو ٿئي

هڪڙي پاسي جڏهن دهشتگرد محبت سنڌ ريلي تي فائرنگ ڪري رهيا هئا ته ٻئي پاسي پيپلزپارٽي جو وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي رهيو هو ته هي سنڌي ڪراچي ڇو آيا ۽ ڪنهن کان اجازت ورتي وئي جيتوڻيڪ ڪراچي سنڌ جي دل آهي ۽ سنڌين جو شهر آهي اتي وفاقي گهرو وزير جي اهڙي بيان تي باقي چونڊيل نمائندن جي خاموشي پڻ ان ڳالهھ جو ثبوت آهي ته مفاهمت جي پاليسي ۾ سڀني جون ڪانچون نائن زيرو تي رائي ۾ رکيل آهن وفاقي گهرو وزير جي اهڙي بيان مان دهشتگردن جي ساٿاري هئڻ جي اها بوءِ اچي پئي جنهن کي هو چڱي نموني نڀائي رهيو هو.

وفاقي گهرو وزير پرامن محبت سنڌ ريلي تي حملي ۾ شهيد ۽ زخمين بجاءِ انهن گاڏين جي تباهيءَ تي وڌيڪ ڏکارو هو جيڪي انهن ئي دهشتگردن جي حملي سبب سڙي رهيون هيون

شهيد غزاله بتول صديقي جيڪا پاڪستان ايئر لائينز جي آفيسر هئي ان جي دل هن سنڌ دشمن عملن تي تيزيءَ سان ڌڙڪي رهي هئي ڇو ته هو سنڌ جي بهادر ۽ با ضمير نياڻي هئي جنهن سڀ ڪجھه نوڪري کي سمجهي ويهي نه رهي پر سنڌ جي وحدت تي وار خلاف عملي جدوجهد ۾ شامل رهي پنهنجو قومي فرض ادا ڪيو سندس ميڊيا سان ڳالهايل آخري جذباتي گفتا اڄ به سوشل ميڊيا تي موجود آهن جن ۾ هو کين للڪار ڪري رهي آهي دهشتگردن جي حملي جو اصل ٽارگيٽ جيتوڻيڪ دهشتگردن ۽ ڪرپٽ حڪمرانن لاءِ مٿي جو سور بڻيل اياز لطيف پليجو هو پر شهيد غزاله بتول صديقي جا نعرا ۽ ميڊيا بريفنگ به سندن هوش خطا ڪري ڇڏيا هئا جن سنڌ جي سرويچ نياڻي کي گولين جو کاڄ بڻايو سنڌي ميڊيا هن سنگين مسئلي کي بھترين ڪوريج ڏني ۽ نامنهاد قومي ميڊيا ان جي ابتڙ تعصب پرستيءَ جو مظاهرو ڪيو

اڄ جڏهن محبت سنڌ ريلي تي حملي کي 8 سال گذري چڪا آهن پر سنڌ جي شهيد ماڻهن سان انصاف نه ٿي سگهيو آهي ته ان جو وڏو سبب حڪومت پاڻ آهي ڇو ته مفاهمت جي چادر ۾ ڍڪيل دهشتگرد سندن  لاءِ وڌيڪ عزيز آهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.