سنڌ حڪومت اومني گروپ کي کنڊ تي سبسڊي ڏيڻ وارو الزام رد ڪري ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب اومني گروپ کي کنڊ تي سبسڊي ڏيڻ جوا لزام رد ڪري ڇڏيو.

پنهنجي بيان ۾ مرتضيٰ وهاب چيو ته سنڌ حڪومت 2018، 2019 ۽ 2020 ۾ ڪنهن شگر مل کي ڪا به سبسڊي ناهي ڏني.

هن چيو ته آخري سبسڊي ڊسمبر 2017ع ۾ ڏني وئي هئي، وفاقي حڪومت کي مراد علي شاهه ۽ بلاول ڀٽو زرداري فوبيا ٿي چڪي آهي، ڄاڻي واڻي انڪوائري جو دائرو وڌايو پيو وڃي جيئن ذميوارن جي نشاندهي نه ٿئي.

مرتضيٰ وهاب چيو ته کنڊ ايڪسپور ڪرڻ جي اجازت وفاق ڏني سنڌ حڪومت ناهي ڏني.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.