”شگر انڪوائري ڌوکو، اصل ذميوار عمران خان جو بيان ئي ريڪارڊ ناهي ڪيو ويو“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ۽ مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف جو چوڻ آهي ته شگر انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ رڳو هڪ دوکو آهي ڇو ته ڪميشن کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ جي اصل ذميوار عمران خان جو بيان ريڪارڊ ئي ناهي ڪيو ويو.

خانگي ٽي وي چينل ۾ ڳالهائيندي شهباز شريف جو چوڻ هو ته انڪوائري رپورٽ ۾ هن جي ٻارن جا نالا آيا آهن پر هن جي ٻارن کنڊ ايڪسپورٽ ناهي ڪئي، شريف خاندان جي مل رحيم يار خان ۾ بند هئي ته ايڪسپورٽ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.

شهباز شريف جو چوڻ هو ته معاملو کنڊ ايڪسپورٽ جو آهي يا ڪڻڪ جو آهي وزير اعظم پنهنجي کليل اکين سان ۽ کليل ڪنن سان ۽ پوري هوش هواس سان ڪيو، اِها هن جي ذميواري آهي ۽ هن فيصلو ڪيو ته ايڪسپورٽ جي اجازت ڏني وڃي، اِهو نٿو ٿي سگهي ته فيصلا وزير اعظم ڪري ۽ ذميواري ڪنهن تي مڙهي وڃي.

هن چيو ته ايڪسپورٽ جي لاءِ بنيادي اصول اِهو آهي ته ملڪ ۾ اِهي شيون سرپلس ٿين، 2018 ۽ 19 جي انگن اکرن مان ثابت ٿي ويندو ته ڪو ايڪسپورٽيبل سرپلس نه هو، ان ڪري ايڪسپورٽ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.

شهباز شريف جو چوڻ هو ته کنڊ ايڪسپورٽ جي فيصلي کان پوءِ ڊالر جي قيمت ۾ 40 رپيا واڌ ٿي ۽ اِهو فائدو به ايڪسپورٽرز حاصل ڪيُ ۽ کنڊ ايڪسپورٽ مان فائدو کڻندڙن ۾ اُهي ماڻهو آهن جن عمران خان جو رنڌڻو هلايو.

سندس چوڻ هو ته نواز شريف وزير اعظم طور جي آءِ ٽي ۾ پيش ٿي چڪو آهي.

ٻئي پاسي ساڳي پروگرام ۾ ن ليگ جي اڳواڻ ملڪ احمد خان جو چوڻ هو ته رپورٽ موجب پنجاب حڪومت سبسڊي ڏني پر ڪنهن ذميوار کي ڳوليو ناهي ويو، وفاقي حڪومت ۾ به سبسڊي ڏيڻ تي ڪنهن ذميوار کي ڳوليو ناهي ويندو.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته کنڊ سبسڊي انڪوائري ڪميشن جو رخ تبديل ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.