ڏهرڪي: ٽائون ڪميٽي جو ملازم پراسرار نموني گم، وارثن پاران اغوا جو شڪ

عوامي آواز رپورٽ
ڏهرڪي: ٽائون ڪميٽي جو ملازم پراسرار نموني گم، وارثن پاران اغوا جو شڪ
عوامي آواز رپورٽ ڏهرڪي: ٽائون ڪميٽي جو ملازم پراسرار نموني گم، وارثن پاران اغوا جو شڪ

ڏهرڪي ۾ ٽائون ڪميٽي جو ملازم پراثرار نموني گم ٿي ويو آهي جنهن جي وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي

ڏھرڪي ٽائون ڪاميٽي جو ملازم انڪروچمينٽ انسپيڪٽر ولي محمد مھر ٻن ڏينھن کان پراسرار نموني سان گم آھي جنهن جي وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاھر ڪيو ويو آھي

اغوا ڄاڻايل نوجوان جو ڀاءُ قطب الدين مھر ٻڌايو ته ولي محمد مھر ٻن ڏينھن کان گم آھي جنھن جو موبائل نمبر پڻ بند آھي سندس موٽر سائيڪل ميرپور ماٿيلو جي ڀٽائي چوڪ وٽان ھٿ آئي آھي

هوڏانهن ٽائون ملازم جي بازيابي لاءِ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن ڪم ڇڏ ھڙتال ڪري روڊن تي نڪري اچي احتجاج رڪارڊ ڪرايو

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن عبدالرحيم مھر، جاويد ڀٽو، منير سومرو ۽ ٻين چيو ته ٽائون ملازم ولي محمد مھر ٻن ڏينھن کان گم آھي ٿاڻي تي رپورٽ درج ڪرائڻ باوجود پوليس بازياب نه  ڪرائي سگھي آھي

ٽائون ملازمن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏھن ولي محمد مھر کي بازياب نه ڪرايو ويو ته سنڌ جي سمورن شھرن ۾ مڪاني کاتي جا ملازم احتجاج ڪندا

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.