ايران جو عيد کان سمورا مذهبي ۽  مقدس ماڳ کولڻ جو اعلان

تهران(ويب ڊيسڪ) ايران ۾ڪورونا وائرس جا 2 هزار 392 نوان مريض سامهون اچي ويا پر ايراني صدر حسن روحاني جو چوڻ آهي ته عيد کان پوءِ سمورا مذهبي ۽ مقدس کوليا ويندا.

صحت واري ايراني وزير طرفان جاري بيان موجب نوان ڪيس سامهون اچڻ کان پوءِ ايران ۾ ڪورونا جي مريضن جو گڏيل انگ 1 لک 29 هزار کان وڌي ويو.

ايران جي صحت واري وزير موجب ايران ۾ 24 ڪلاڪن دوران 66 فوتگيون سامهون آيون جنهن کان پوءِ گڏيل فوتگيون 7 هزار 249 ٿي ويون آهن.

هوڏانهن ايران جي صدر حسن روحاني جو چوڻ آهي ته عيد کان پوءِ سمورا مذهبي ۽ مقدس ماڳ ماڻهن جي لاءِ کوليا ويندا.

حسن روحاني چيو ته سمورن مقدس ماڳن کي حفاظتي اصولن جي تحت کوليو ويندو، حفاظتي اصولن تي سڀني کي عمل ڪرڻو پوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.