”ايراني اختيارين تي پابنديون آمريڪا جي ڪمزوري ظاهر ڪن ٿيون“

 

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران پنهنجي ڪجهه حڪومتي نمائندن تي آمريڪي پابندين کي رد ڪري ڇڏيو.

ايران جي سرڪاري ٽيلي ويزن پرڏيهي وزارت جي ترجمان عباس موسوي جي بيان جي حوالي سان ٻڌايو ته واشنگٽن طرفان ايراني اختيارين تي روز روز لاڳو ڪئي ويندڙ اهي پابنديون آمريڪا جي ڪمزوري، مايوسي ۽ بيچيني کي ظاهر ڪن ٿيون.

واضح رهي ته آمريڪا اربع ڏينهن ايراني گهرو وزير سميت ڪيترن ئي سرڪاري اهلڪارن کي پابندين جو نشانو بڻايو آهي.

آمريڪا جو الزام آهي ته اهي ماڻهو انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۾ ملوث آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.