سڪوڪ بانڊز مان حاصل رقم جي ادائيگين تي ناڻي ۽ توانائي وزارت ۾ تڪرار

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اقتصادي رابطا ڪميٽي ۾ سڪوڪ بانڊز مان حاصل 200 ارب رپين مان ادائيگين جي معاملي تي توانائي ۽ ناڻي واري وزارت آمهون سامهون اچي ويون.

اسلام آباد ۾ اقتصادي رابطا ڪميٽي جو خاص اجلاس ناڻي بابت صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ جي صدارت هيٺ ٿيو.

ذريعن موجب اجلاس ۾ سڪوڪ بانڊز مان حاصل 200 ارب رپين مان ادائيگي جي معاملي تي توانائي ۽ ناڻي واري وزارت ۾ تڪرار پيدا ٿي ويو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ناڻي واري وزارت انڊپينڊنٽ پاور پروڊيوسرز (آءِ پي پيز) يا نجي بجلي گهرن کي گردشي قرض جي مد ۾ ادائيگيون ڪرڻ چاهي ٿي، جڏهن ته توانائي واري وزارت ان رقم مان پن بجلي جي مد ۾ ادائيگيون ڪرڻ چاهي ٿي.

ذريعن موجب اي سي سي معاملو تڪراري ٿيڻ سبب سڪوڪ بانڊز جي رقم جي ورهاست پوئتي ڪري ڇڏي.

اجلاس دوران اقتصادي رابطا ڪميٽي موبائل ڊوائس مينوفيڪچرنگ پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي، جڏهن ته ڪپهه جي فصل جي امدادي قيمت مقرر ڪرڻ جي سمري به پوئتي ڪئي وئي.

ڪميٽي فيصلو ڪيو آهي ته صوبائي حڪومتون ڪپهه جي امدادي قيمت مقرر ڪري سگهن ٿيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.