مارڪيٽون رات ڏهين وڳي تائين کليل رکڻ جو اعلان

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت عيد تائين شاپنگ مال ۽ مارڪيٽون کليل رهڻ جو وقت وڌائي ڇڏيو.

پنجاب جي واپار واري وزير ميان اسلم اقبال وڏي وزير عثمان بوزدار جي منظوري کانپوءِ ڪاروبار کولڻ جي وقت ۾ واڌ جو باضابطا طور اعلان ڪري ڇڏيو.

ميان اسلم اقبال موجب هاڻ شاپنگ مالن جو وقت شام 5 کان وڌائي رات 10 وڳي تائين ڪيو ويو آهي، جڏهن ته بازارون ۽ مارڪيٽون پڻ عيد تائين رات 10 وڳي تائين کليل رهنديون.

سندس چوڻ هو ته سڀاڻي کان صوبي ۾ مزارون به کوليون وينديون پر انهن تي ڄاڻايل وقت لاڳو نه هوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.