پاڪستان ۾ گڏيل طور تي 384 قيدين ۾ وائرس جي تصديق

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) دنيا جي 67 ملڪن جي جيلن ۾ قيد 48 هزار 300 کان وڌيڪ قيدي ڪورونا وائرس مان متاثر ٿي چڪا آهن.

جسٽس پراجيڪٽ پاڪستان پريزنران سائيڊر سميت آزاد جاچ ڪندڙ ڪارميلانيا ڪي جي ڀائيواري سان جاري رپورٽ ۾ چيو ته گهٽ ۾ گهٽ 840 قيدي وائرس سبب فوت ٿي چڪا آهن.

رپورٽ موجب 21 مئي تائين پاڪتان ۾ گڏيل طور تي 384 قيدين ۾ وائرس جي تصديق ٿي.

ان کان سواءِ انساني حقن جي ڪيترين ئي تنظيمن جيلن ۾ وائرس بابت اطلاع جي فراهمي ۾ عدم شفافيت تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.

رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ڪيمپ جيل لاهور ۾ڪورونا وائر  جو پهريون قيدي سامهون آيو هو جنهن کان پوءِ جيل کي آئسوليشن سينٽر ۾ منتقل ڪيو ويو.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته اختيارين 6 اپريل تي انڪشاف ڪيو ته وڌيڪ 50 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي ۽ 15 اپريل تي 59 نوان ڪيس ريڪارڊ ڪيا ويا.

ان کان سواءِ رپورٽ ۾ چيو ويو ته ڪيمپ جيل ۾ وائرس مان متاثر ماڻهن جي شرح 19.33 سيڪڙو رهي جيڪا سٽي لاهور جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي.

رپورٽ ۾ ڄاڻ جي بروقت ۽ درست فراهمي جو به ذڪر ڪيو ويو.

ڪراچي جيل بابت رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي سينٽرل جيل ۾ وائرس جا ڪيترائي ڪيس ٿيا.

هن ٻڌايو ته 18 مئي تي 40 قيدين ۾ وائرس جي سڃاڻپ ٿي ۽ ان جي ئي اڳئين ڏينهن 212 ڪيس رپورٽ ٿيا جنهن ۾ 9 وارڊن به شامل هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.