پاڪستان ريلوي جو آن لائن ٽڪيٽنگ نظام ويهي رهيو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ريلوي کاتي جو ٽڪيٽون بڪ ڪرائڻ لاءِ آن لائن نظام ويهي رهيو.

ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ريلوي آن لائن نظام ۾ خرابي آهي ۽ ٽڪيٽ بڪ ڪرڻ ۾ آن لائن سسٽم بار نه پيو کڻي سگهي.

ريلوي جو اي ٽڪيٽنگ نظام ويهڻ کانپوءِ راولپنڊي، ملتان، پشاور، لاهور، سکر ۽ ڪوئيٽا ۾ ريزرويشن سينٽرن جي هڪ هڪ دري کولي وئي آهي.

ريلوي اختيارين موجب مسافر چئني صوبن جي صوبائي هيڊ ڪوارٽرن جي ريلوي اسٽيشنز تان ٽڪيٽون حاصل ڪري سگهن ٿا ۽ ريلوي اسٽيشنز جون بڪنگ آفيسون صبح 8 کان شام 5 وڳي تائين کليل رهنديون.

اختيارين جو چوڻ آهي ته راولپنڊي، لاهور، ڪراچي، ملتان، سکر، پشاور ۽ ڪوئيٽا ريلوي اسٽيشنز جون بڪنگ آفيسون کليل رهنديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.