کپرو: پوليس مقابلي ۾ قتل ڪيل نوجوان جي وارثن ۽ سروري جماعت پاران عدالت ۾ وڃڻ جو اعلان

عوامي آواز رپورٽ
کپرو: پوليس مقابلي ۾ قتل ڪيل نوجوان جي وارثن ۽ سروري جماعت پاران عدالت ۾ وڃڻ جو اعلان
عوامي آواز رپورٽ کپرو: پوليس مقابلي ۾ قتل ڪيل نوجوان جي وارثن ۽ سروري جماعت پاران عدالت ۾ وڃڻ جو اعلان

کپري ۾ پوليس مقابلي ۾ قتل ڪيل نوجوان جي وارثن ۽ سروري جماعت پاران قانوني ويڙهه وڙهڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي

سروري جماعت جي چيف خليفو سيد نور محمد شاھ کپرو جي اشرف ڪالوني پهچي پوليس مقابلي ۾ ماريل نوجوان علي حيدر رونجهو جي پيءُ مبارڪ رونجهو سان تعزيت ڪئي

ان موقعي تي پريس ڪانفرنس ڪندي سروري جماعت جي چيف خليفي سيد نور محمد شاھ چيو ته علي حيدر رونجهو هڪ غريب پورهيت هو هن کي ان لاءِ قتل ڪيو ويو جو هو پئسا ڀري ڪون سگھيو، هن چيو ته علي حيدر رونجهو جي قتل جو پ پ جي قيادت سميت ڪورٽن نوٽيس نه ورتو ته اسين قانوني رستو اختيار ڪنداسين ..

ان موقعي تي مقتول علي حيدر رونجهو جي والد ٻڌايو ته  اسان مقابلي ۾ ملوث پوليس اهلڪارن کي سزا ڏيارڻ جي لاءِِ ڪورٽ جو در کڙڪائينداسين ..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.