نوابشاهه: قائد عوام يونيورسٽي جي ملازمن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

عوامي آواز رپورٽ
نوابشاهه: قائد عوام يونيورسٽي جي ملازمن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج
عوامي آواز رپورٽ نوابشاهه: قائد عوام يونيورسٽي جي ملازمن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

نوابشاهه ۾ قائد عوام يونيورسٽي جي ملازمن پاران ليوانڪيشمنٽ نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو يوو

نوابشاهه ۾ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي جي استادن، آفيسرن ۽ ننڍن ملازمن پاران ليوانڪيشمنٽ نه ملڻ خلاف پروفيسر لياقت تنيو، شڪيل چانڊيو، باقر زرداري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ يونيورسٽي جي ايڊمن بلاڪ اڳيان  احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي

ان موقعي تي ملازمن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هر سال اسان کي رمضان جي مهيني ۾ عيد ايڊوانس ۽ ليو ان ڪيشنمنٽ ملندي آهي جيڪا اسان جي سينڊيڪيٽ مان به منظور ٿيل آهي ليڪن هاڻي بجيٽ جي هٿرادو کوٽ ڄاڻائي نٿي ڏني وڃي ..

هنن چيو ته ست ڏينهن اڳ سنڌ گورنمنٽ پاران 6 سو ملين بجيٽ ملي آهي ليڪن يونيورسٽي جي وائيس چانسلر سليم رضا سمون ۽ ڊائريڪٽر فنانس ملي ڀڳت ڪري اسان جو حق ڦٻائڻ چاهين ٿا

ملازمن سنڌ جي وڏي وزير ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته ڊائريڪٽر فنانس کي مليل بجيٽ جي انڪوائري ڪري اسان کي عيڊ ايڊوانس ۽ ليو ان ڪيشمنٽ ڏني وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.