ڪوٽڙي ۾ آر بي او ڊي جي ملازمن گذريل 7 مھينن جون پگھارون نه ملڻ خلاف احتجاج ڪيو .
ملازمن آصف لاشاري, علي عباس سولنگي, اشرف دائيداڻو, اعجاز علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪوٽڙي پريس ڪلب ٻاھران احتجاجي مظاھرو ڪيو.
ان موقعي تي ھنن چيو ته گذريل 7 مھينن کان پگھارون نه ملڻ سبب لنگھڻ ڪاٽڻ تي مجبور آھيون, ٻارڙن جي تعليم پڻ سخت متاثر پئي ٿئي پر بار بار دانھڻ باوجود اختياريون پگھار ڏيڻ لاءِ تيار ناھن.
ھنن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير کي اپيل ڪئي ته فوري طور رھيل 7 مھينن جون پگھارون ڏئي پريشاني کان بچايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو ……………..
*****