لاهور: جنرل اسپتال جي آرٿوپيڊڪ وارڊ جا 18 ڊاڪٽر به ڪورونا متاثرن ۾ شامل

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي جنرل اسپتال ۾ آرٿوپيڊڪ وارڊ جي 18 ڊاڪٽرن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي آهي، جنهن کانپوءِ آرٿوپيڊڪ وارڊ کي 3 ڏينهن لاءِ بند ڪيو ويو آهي.

لاهور جي جنرل اسپتال جي انتظاميا موجب آرٿوپيڊڪ وارڊ جي 18 ڊاڪٽرن جي ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچڻ کانپوءِ وارڊ جي سربراهه پرنسپل کي خط لکيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته وارڊ جي باقي ڊاڪٽرن کي قرنطينه ڪيو ويو آهي، ان لاءِ آرٿوپيڊڪ وارڊ 10 ڏينهن لاءِ بند ڪيو وڃي.

جنرل اسپتال جي ايم ايس محمود طارق جو چوڻ هو ته وڏي انگ ۾ ڪيس سامهون اچڻ تي شروعاتي طور تي وارڊ کي 3 ڏينهن لاءِ بند ڪري ڊس انفيڪٽ ڪيو پيو وڃي.

اسپتال ذريعن موجب انسٽيٽيوٽ آف نيورو سائنس جي 3 ڊاڪٽرن ۽ 2 نرسن جي به ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري آئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.