ڪراچي: ڊفينس ۾ گهران ڦر دوران زال ۽ مڙس قتل

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي ۾ گهران ڦر دوران زال ۽ مڙس کي قتل ڪيو ويو.

ايس ايس پي ڏکڻ موجب ڊفينس خيابان بخاري جي علائقي ۾ هڪ گهر مان ڦر جو اطلاع مليو، واردات واري هنڌ پهچڻ تي ٻه لاش هٿ آيا ۽ هڪ شخص زخمي حالت ۾ موجود هو، ٻنهي کي ڪنهن تکي اوزار سان قتل ڪيو ويو.

سندس چوڻ هو ته گهر ۾ مقتول زال ۽ مڙس سان گڏ سندن ڌيءُ به رهندي هئي، جڏهن ته واردات وقت هڪ ميل نرس به گهر ۾ موجود هو.

پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته گهر جو اڳوڻو ملازم نواز ڦر جي نيت سان گهر ۾ گهڙيو هو، جوابدار کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان ڦريل سامان به هٿ ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.