هالا: عدالت جي حڪم تي پوليس جي ڪارروائي، ستن عورتن سميت 14 ڄڻا بازياب

عوامي آواز رپورٽ
هالا: عدالت جي حڪم تي پوليس جي ڪارروائي، ستن عورتن سميت 14 ڄڻا بازياب
عوامي آواز رپورٽ هالا: عدالت جي حڪم تي پوليس جي ڪارروائي، ستن عورتن سميت 14 ڄڻا بازياب

هالا پوليس عدالت جي حڪم تي ڪارروائي ڪري باندي بڻايل ستن عورتن سميت 14 ڄڻن کي بازياب ڪرائي ورتو

هالا پوليس سيشن ڪورٽ جي حڪم تي ڀٽ شاهه لڳ فلڪ شير پٺاڻ جي سرن جي بٺي تي چڙهائي ڪري ٻاندي بڻيل ستن عورتن سميت 14 ڄڻن کي آزاد ڪرائي هالا ٿاڻي تي آندو

ان موقعي تي هالا ٿاڻي جي ايس ايڇ او ٺارو خان ڀٽي ٻڌايو ته اوڏ برادري جي چندر اوڏ سيشن جج مٽياري کي درخواست ڏني هئي ته فلڪ شير پٺاڻ پنهنجي سرن جي بٺي تي سندن برادري جي 14 ماڻهن کي زبردستي باندي بڻائي ويٺو آهي، هن چيو ته جنهن بعد سيشن ڪورٽ مٽياري جي حڪم تي ڪارروائي ڪندي باندي بڻيل ستن عورتن سميت 14 ماڻهن کي آزاد ڪرائي ورتو آهي جن کي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.