کپرو: ڪولهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، هڪ ڄڻو قتل

عوامي آواز رپورٽ
کپرو: ڪولهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، هڪ ڄڻو قتل
عوامي آواز رپورٽ کپرو: ڪولهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، هڪ ڄڻو قتل

کپري ويجھو ڪولهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو جنهن جي سبب ڪهاڙيون لڳڻ ڪري هڪ ڄڻو قتل ٿي ويو

کپرو ٿاڻي جي حد ڳوٺ طارق مري ۾ ڪولهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ڪهاڙيون لڳڻ ڪري راوتو ڪولهي قتل ٿي ويو جڏهن ته فتيو ڪولهي سخت زخمي ٿي پيو، پوليس پهچي قتل ٿيل ۽ زخمي کي تعلقه اسپتال کپرو پهچايو جتان لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو

زخمي فتيو ڪولهي ٻڌايو ته گرڌاري ڪولهي سان مال ۽ گاھ تان چار سال اڳ جھيڙو ٿيو هو جنهن جي ڪري گرڌاري ڪولهي ، دولت ۽  ٻين اسان مٿان حملو ڪري پٽ کي قتل ڪري ۽ مونکي زخمي ڪيو آهي

هوڏانهن کپرو پوليس گرڌاري ڪولهي سميت چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.