ٺري ميرواهه: بلاول واهه کي گھارو، فصل پاڻي هيٺ

عوامي آواز رپورٽ
ٺري ميرواهه: بلاول واهه کي گھارو، فصل پاڻي هيٺ
عوامي آواز رپورٽ ٺري ميرواهه: بلاول واهه کي گھارو، فصل پاڻي هيٺ

ٺري ميرواهه ويجھو بلاول واهه کي اوچتو گھارو لڳي ويو جنهن جي نتيجي ۾ فصل پاڻي هيٺ اچي ويو

ٺري ميرواھ جي ڳوٺ سرائي يار محمد خاصخيلي ۾ ميرواھ ڪئنال مان نڪرندڙ بلاول واھ کي ڏھن ڦٽن جو گھارو پئجي ويو جنهن جي نتيجي ۾ فضل پاڻي هيٺ اچي ويو آهي  اطلاع باوجود ايريگيشن عملو نه پهتو جنهن ڪري ڳوٺاڻا پنھنجي مدد پاڻ تحت گھاري کي بند ڪرڻ ۾ مصروف آهن

ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته بلاول واھ کي گھارو پوڻ سبب اسان جي زمينن ۾ پاڻي اچڻ جي ڪري اسان جا فصل تباھ ٿي ويا آهن جنهن ڪري ھارين ۾ پريشاني جي لھر ڇانيل آهي

ڳوٺاڻن سنڌ جي وڏي وزير کان مطالبو ڪيو ته وقت تي نه ايندڙ ايريگيشن عملي خلاف ڪارروائي ڪري نقصان جو ازالو ڪيو وڃي ..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.