سيد مراد علي شاهه جي صوبي ۾ عيد سادگي سان ملهائڻ جي اپيل

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته هي عيد تي فرنٽ لائن ورڪرز جي نالي ڪيو ۽ سادگي سان ملهايو ان کان سواءِ هن وزير اعظم عمران خان درخواست ڪئي ته ملڪ ۾ قومي سطح تي عيد سادگي سان ملهائڻ جو اعلان ڪري.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن ٻڌايو ته سڄي پاڪستان ۾ هن وقت تائين 1 هزار 415 ڊاڪٽر ۽ طبي عملي جا ميمبر متاثر ٿيا آهن جيڪو گڏيل ڪيسن جو 3 سيڪڙو آهي.

سنڌ جي وڏي وزير ٻڌايو ته سنڌ صوبي ۾ 364 فرنٽ لائنز ڪورونا متاثر ٿيا جيڪي ڪووڊ-19 جي مريضن سان ڪم ڪري رهيا آهيون جنهن مان 27 صحتياب ٿي چڪا آهن جڏهن ته 7 حياتي جي بازي هارائي ويا جنهن ۾ ڊاڪٽر عبدالقادر سومرو، ڊاڪٽر عبدالحق، ڊاڪٽر فرقان الحق، ڊاڪٽر زبيده سراج، ڊاڪٽر انصار ابراهيم، ڊاڪٽر بشير قاسم ۽ نواز ڳاهوٽو شامل آهن.

گڏوگڏ ئي هن ٻڌايو ته پوليس جا 274 اهلڪار ڪورونا وائرس مان متاثر ٿيا جنهن مان 59 صحتياب ٿي ويا جڏهن ته 210 علاج هيٺ آهن پر 5 فوت ٿي چڪا آهن ۽ رينجرز جا به 20 جوان ان وائرس مان متاثر ٿيا.

وڏي وزير چيو ته اسان پنهنجي فرنٽ لائنرز جي نالي عيد ڪري ڇڏي آهي انهن کي عيد جو تحفو ڏيڻ جي لاءِ گهرن ۾ رهو ۽ پاڻ احتياط ڪيو ته سِر جي قيمت جي اڳيان عيد جي قرباني ڪا وڏي قيمت ناهي.

سندس چوڻ هو ته اسان وٽ ٻيو ڪو به حل ناهي اسان کي پنهنجي صحت جي نظام کي هڪ قدم اڳتي رکڻو آهي ان ڪري اسان کي پاڻ ۽ پنهنجي وارثن کي محفوظ رکڻو آهي.

وڏي وزير چيو ته منهنجي مٿان الزام آهي ته آئون سياست ڪندو آهيان ته هان آئون سياست ڪندا آهيو ماڻهن جا سِر بچائڻ جي سياست ڪندو آهيان، پهرين ڏينهن کان آئون حقيقت پيش ڪري رهيو آهيان.

مراد علي شاهه ٻڌايو ته اسان فرض انجام ڏيڻ دوران وفات ڪيل پوليس اهلڪارن کي هڪ پيڪيج ڏينداسين اُهو پيڪيج اسان نه رڳو سرڪاري پر خانگي شعبي جي ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي کي به ڏينداسين.

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اسان ڪوششون ڪيون آهن جنهن ۾ گهڻا مسئلا به سامهون آيا آهن ڇو ته اهڙي طرح جي صورتحال پهرين ڪڏهن سامهون ناهي آئي پر آئون چوڻ چاهيندس ته سنڌ صوبي جي ماڻهن کان پاڪستان جو رستو ڏيکاريو آهي.

هن چيو ته الله جو شڪر آهي پاڪستان ۾ ڪورونا جا ڪيس گهٽ آهن پر ان ۾ سنڌ صوبي جي عوام جي قرباني شامل آهي جنهن تي لاڪ ڊائون هڻي وائرس کي پکڙجڻ کان روڪيو ويو.

هن چيو ته اسان تي الزام هنيو پيو وڃي ته اسان لاڪ ڊائون هڻڻ ۾ جلد بازي سان ڪم ورتو پر ايندڙ ئي ڏينهن چيو ويندو آهي ته اسان بروقت بندوبست ڪيا آهن ان ڪري پاڪستان ۾ هي وبا قابو ۾ رهي.

مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته منهنجي پريس ڪانفرنس جو مقصد اِهو آهي ته هن عيد کي فرنٽ لائن تي ڪم ڪندڙ ڊاڪٽرن، طبي عملي جي ميمبرن کان سواءِ، پوليس، رينجرز، روينيو ۽ ٻين اهم ادارن جي ورڪرز جي نالي ڪيو.

هن قوم کان اپيل ڪئي ته هي عيدالفطر سادگي سان ملهائي وڃي ۽ ٻڌايو ته مون هن عيد تي نوان ڪپڙا نه پاتا ته ڪو به فرق نه پوندو، سپريم ڪورٽ جي ريمارڪس ڏانهن اشارو ڪندي سندس چوڻ هو ته مون کي حيرت ٿي جڏهن چيو ويو ته توهان نوان ڪپڙا ناهن سبرايا پر ٻين کي ته سبرائڻا آهن ڇو ته منهنجي خيال ۾ ان ماحول ۾ نون ڪپڙن جي ڳالهه ڪرڻ مناسب ناهي.

سنڌ جي وڏي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته چيو ويندو آهي ته ڪورونا جي ڪري معيشت جو وڏو نقصان ٿيو آهي، غربت وڌي وئي آهي آئون ان تي ڳالهائيندس جڏهن موقعو ايندو، ڇو ته هي ڪورونا جي ڪري نه پر توهان جي پنهنجي نااهلي جي ڪري ٿيو آهي.

هن چيو ته جڏهن به اسيمبلي سيشن ٿيندو ۽ اسپيڪر گهرائيندو ته اُتي آئون هر ڳالهه جو جواب ڏيندس جيئن سڀني کي خبر پوي ته ان وبا جي دوران ڪنهن ڇا ڇا ڪيو، ڪهڙي طرح تار تار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ڪهڙي طرح ماڻهن جي حياتين سان کيڏڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ان ۾ گهڻا ئي ماڻهو ملوث آهن پر هن وقت آئون قومي اتحاد چاهيان ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.