گُگهَه اونداھي ۾ ڏيئو ٻارڻ ضروري آهي!

يوسف جميل لغاري

گذريل چند ڏهاڪن ۾ دنيا وڏي ترقي ڪئي آهي ۽ انهي ترقي جو بنياد تعليم ئي آهي، تعليم کانسواءِ ترقي جو قطعي به سوچي نه ٿو سگهجي. پاڻ وٽ نوجوان طبقو هن وقت تقريبن سڀني شعبن ۾ پاڻ مڃائي رهيو آهي، انهي جي باوجود تڏهن به انهي ڳالھ جي سخت ضرورت پيش اچي ٿي ته اڄ جي نوجوان کي پنهنجي مستقل متعلق يا سُٺي نوڪري جي حاصلات لاءِ ڪجھ ضروري هدايتون گهربل آهن. وقت سان گڏ دنيا جون گهرجون تبديل ٿيون آهن ته وري ماڻهو جي ضرورتن ۽ خواهشن ۾ به نمايا طور تي تبديلي آئي آهي. ان لاءِ اڄ جي نوجوان کي اهو باقاعده سان سمجهڻ گهرجي ته سندس بهتر ۽ روشن مستقل لاءِ کيس ڇا ڪرڻو آهي ۽ ڪئين ڪرڻو آهي؟ انهي نموني جي حڪمت عملي جي جوڙجڪ کيس ئي ڪرڻي آهي تڏهن به پاڻ هتي ڪجھ اهم نقطن تي خيال آرائي ڪريون ٿا.

پنهنجي خوابن جي تڪميل لاءِ جيڪو پهريون ۽ ڪارڳر طريقو آهي سو آهي مستقل مزاجي سان ڪم ڪرڻ. اوهان جنهن به شعبي ۾ دلچسپي رکو ٿا. اُنهي لاڳاپيل شعبي ۾ مستقل مزاجي سان ڪم ڪرڻ ۾ ئي اوهان کي ترقي توڙي ڪاميابيون ۽ ڪامرانيون نصيب ٿينديون. سنڌ جو نوجوان طبقو مستقل مزاجي جي اهميت کان مڙئي ٿورو گهٽ ئي واقف آهي. رابطن جا جديد وسيلا متعارف ٿي چڪا آهن تڏهن به اوهان ڏٺو هوندو ته سوشل ميڊيا تي عقلي، منطقي يا علم ۾ اضافي ڪرڻ جهڙي شئي کي ٻين سان ونڊڻ جي بدران ڀوڳ، مشڪري ۽ مزاحيا ٽوٽڪا عام جام هڪ ٻي ڏي موڪليا وڃن ٿا. کل ڀوڳ يا تفريحي کي پسند ڪرڻ ڪو عيب ڪونه آهي تڏهن به انهي عمل کي پنهنجي مزاج تي حاوي ڪرڻ جيتوڻيڪ هڪ وڏي غلطي آهي. سنڌ جا نوجوان آئيندي جو اتساھ آهن. کين ويچارڻ گهرجي ته سڀني شعبن ۽ کاتن جون واڳون انهن کي ئي سنڀالڻيون آهن.

سنڌ جو نوجوان طبقو هڪ طرف پنهنجي مستقبل بابت ڳڻتي ۾ ورتل آهي ته ٻي طرف گهربل مقدار ۾ محنت ڪرڻ کان به عاري آهي. ڏسو نه هر شئي جا مختلف پهلو ٿيندا آهن ۽ هر شئي توڙي عمل ۽ ڪم کي سندس سڀني پهلوئن کان ڏٺو وڃي ته بهتر نتيجا اخذڪري سگهجن ٿا ۽ تڏهن ئي وڃي ڪري مڪمل قصو ماڻهو سمجهي سگهي ٿو. اسان جي زندگي پنهنجي مقرر مدار ۾ هلي پئي. اسان انهي مدار کي به هڪ طرفي ڪرڻ ۾ پورا آهيون. اڄ جو نوجوان سمجهي ٿو ته تفريح ۽ گهمڻ ڦرڻ ۾ ئي اصل زندگي آهي پر ائين ڪونه آهي. حالتن  جي تبديل ٿيڻ سان زندگي جا معيار به تبديل ٿيا آهن ۽ زندگي ۾ ڪنهن خاص منزل تي پهچڻ لاءِ سفر جا اصول ۽ ضابطه به تبديل ٿيا آهن. جيڪا شئي پهريان ٿوري محنت ۽ مشقت کان پوءِ حاصل ٿيندي هئي. اُها ساڳي شئي هاڻ گهڻي محنت ۽ مشقت کانپوءِ به حاصل ٿيندي، اِنهي متعلق ڪجھ نه ٿو چئي سگهجي.

دنيا جي آبادي جي وڌڻ سان تعليمي ادارن ۾ شاگردن جو تعداد نه صرف وڌيو آهي پر ان سان گڏوگڏ مقابلي جو جهان به وڌيو آهي. جيتوڻيڪ مقابلي بازي کي هٿي نه ڏجي. تعليمي ادارن ۾ هي طريقو به هڪ منفي عمل جهڙو ئي ثابت ٿيو آهي. جڏهن شاگرد کي مقابلي بازي جي ميدان ۾ آندو وڃي ٿو ته عين اُن وقت سندس فطري صلاحيتون ختم ٿيڻ شروع ٿينديون آهن. نوجوانن کي مقابلي بازي جي درس ڏيڻ جي بدران کين قابليت ۽ معيار تي اڳتي اچڻ جي تجويز ڏيڻ گهرجي. فطري صلاحيتن جي آڌار تي جڏهن ڪنهن ڪم ۾ هٿ ڳنڍبو آهي ته اهو ڪم نه صرف ڪاميابي سان پايا تڪميل تائين پهچندو آهي بلڪ انهي ۾ سندس اصل حسناڪي به شامل ٿي ويندي آهي. اسان مصنوعي طريقن سان کوڙ ساريون شيون ايجاد ته ڪري سگهون ٿا پر انساني دماغ کي پنهنجي اصل مقصد کان هٽائي نه ٿا سگهون. فطرت جو هڪ قاعدو اِهو پڻ آهي ته جڏهن فطري شين سان هٿ چراند ڪئي ويندي آهي ته انهي وقت جواب ۾ فطرت هڪ وڏو ٻڙدڪ برپا ڪندي آهي. جيتوڻيڪ فطرت پنهنجي مزاج ۾ وڏي مهربان آهي تڏهن به فطرت توڙي فطري صلاحيتن سان هٿ چراند قطعي به نه ڪرڻ گهرجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.