ٻٽي عذاب ۾ ڦاٿل حيدرآباد جا رهواسي

امتياز چانڊيو

هونئن ته گھڻي عرصي کان وٺي حيدرآباد ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن جا ماڻهو حڪمرانن جي بيحسي سبب بنيادي سهولتن کان محروم ٿي سخت تڪليفن کي منهن ڏيندا پيا اچن، ٻيا مسئلا ته پنهنجي جاءِ تي پر حيدرآباد شهر جي ماڻهن کي پيئڻ لاءِ به صاف پاڻي فراهم نٿو ڪيو وڃي، گهرن ۾ واٽر سپلاءِ ذريعي پهچندڙ پاڻي مان بدبوءِ ته ايندي ئي رهندي آهي، پر ڪيترن ئي علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي ۾ مٽي ۽ جيت به نلڪن مان نڪرندا رهندا آهن، جنهن ڪري شهري هيپاٽائيٽس سميت مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجي رهيا آهن، ماڻهن پنهنجون زندگيون بچائڻ لاءِ مجبور ٿي واٽر ڪمپنين کان پاڻي خريد ڪري استعمال ڪرڻ شروع ڪيو آهي، جنهن ۾ ماڻهن جا ڪافي پيسا هليا وڃن ٿا، بهرحال ان مصيبت کي به حيدرآباد جي شهرين پئي منهن ڏنو آهي، پر هاڻي جنهن مصيبت ماڻهن کي پريشان ڪيو آهي، اها آهي سخت گرمي دوران بجلي جي لوڊشيڊنگ، هڪ طرف ٻن مهينن کان وٺي حيدرآباد جا رهواسي ڪرونا جهڙي وبا کي منهن ڏيندا پيا اچن، جنهن ڪري ماڻهن جو ساهه سڪو پيو آهي، رمضان المبارڪ جو مهينو به هلي رهيو آهي ۽ حيدرآباد جا شهري روزا به رکي رهيا آهن، ان دوران حيسڪو وارن حيدرآباد جي شهرين جي تڪليفن کي وڌائڻ ۾ به ڪا قصر ناهي ڇڏي، 24 ڪلاڪن دوران 10 کان 12 ڪلاڪ بجلي بند رکي ماڻهن کي سخت پريشان ڪيو پيو وڃي. هڪ ته موسمي گرمي تمام گهڻي وڌي وئي آهي، سامونڊي هوائون مڪمل طور تي بند آهن ۽ حيدرآباد جو گرمي پد 44 کان 46 سينٽي گريڊ تي پهچي رهيو آهي، حيدرآباد ۾ ڄڻ ته هيٽ اسٽوڪ پيو هلي.

ڪرونا جي اچڻ ۽ لاڪ ڊائون جي اعلان ٿيڻ کان پوءِ حيسڪو اختيارين اهو اعلان ڪيو هو ته ڪرونا کان بچڻ لاءِ جيتوڻيڪ ماڻهو گهرن ۾ بند ٿي ويا آهن، تنهن ڪري ماڻهن جي سهولت خاطر جيستائين ڪرونا ختم نٿو ٿئي تيستائين بجلي جي لوڊشيڊنگ نه ڪئي ويندي، ها ان اعلان تي عمل ٿيو، پر لڳ ڀڳ 20 ڏينهن تائين بجلي جي لوڊشيڊنگ بند ٿي هئي، پر بعد ۾ حيسڪو کي اهو خيال آيو ته هو لوڊشيڊنگ بند ڇو ڪن ۽ عادت کان مجبور حيسڪو اختيارين هڪ دفعو ٻيهر لوڊشيڊنگ شروع ڪري ڇڏي، اها به اهڙي جو ڳالهه سمجهه کان ٻاهر ٿي وئي، حيسڪو اختيارين کي ته رمضان المبارڪ دوران روزيدارن به خيال نه آيو، حيدرآباد ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ 10 کان 12 ڪلاڪن تائين بجلي جي لوڊشيڊنگ جو سلسلو شروع ڪيو ويو ۽ ڪيترن ئي علائقن ۾ ته هڪ ئي وقت ڊگهو بريڪ ڊائون به ڪيو پيو وڃي.

بجلي بند، گرمي جو زور، مڇرن جو آزار، روزگار بند ۽ ڪرونا جو ڊپ، هڪ ئي وقت ايتريون مصيبتون گڏجي اچڻ ڪري هن وقت حيدرآباد جا شهري سخت پريشان ٿي ويا آهن، اڳ ۾ ئي ڪرونا جهڙي مرض ڪري ماڻهو گهرن ۾ بند رهي ڄڻ ذهني طور تي سخت دٻاءَ جو شڪار ٿي ويا آهن، وري لوڊشيڊنگ جي آزار ماڻهن کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي، حيسڪو جي اهڙي ظالماڻي رويي خلاف لطيف آباد جي مختلف علائقن جي رهواسين روڊن تي نڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي سخت احتجاج به ڪيو آهي.

منهنجو لطيف آباد ڏانهن وڃڻ ٿيو، روڊ ڪارا لڳا پيا هئا، پڇا ڪرڻ تي خبر پئي ته منجهند جو نٽهڻ اس ۾ هڪ ڪلاڪ تائين اتان جي رهواسين حيسڪو خلاف احتجاج ڪيو آهي، مڇريل ماڻهن ٽائرن کي باهيون ڏنيون ۽ روڊ بلاڪ ڪيو ويو، ٽائرن کي باهيون ڏيڻ ڪري روڊ ڪارا ٿيل هئا، ان وقت مون کي اها ڳالهه ذهن تي پئي آئي ته، سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه، ان جا ٻيا وزير ۽ مشير جڏهن ٽي وي اسڪرين تي اچن ٿا ۽ ڳالهيون ڪن ٿا ته ائين ٿو لڳي ڄڻ انهن جو عوام لاءِ صفا هيانءُ ڦاٽي پيو هجي، هو ماڻهن کي ڪرونا کان بچائڻ لاءِ وڏا فڪرمند آهن، کين فڪرمند ٿيڻ به گهرجي ڇو ته هو اڇي ڪاري جا مالڪ جو بڻيل آهن، پر جڏهن ٻئي طرف سنڌ جي ماڻهن جي اها حالت ڏسون ٿا سچ پڇ ته وڏي وزير، وزيرن ۽ مشيرن جون ڳالهيون مذاق ٿيون لڳن ۽ ائين لڳندو آهي، ڄڻ سنڌ جي ماڻهن جو ڪو والي وارث ئي نه هجي ۽ هو ننڌڻڪا بڻجي زندگي گذاريندا هجن، ڇو ته سنڌ جا ماڻهو جڏهن پيئڻ جي صاف پاڻي لاءِ آواز اٿاريندا هجن يا بجلي جي لوڊشيڊنگ جي عذاب خلاف احتجاج ڪندا هجن ته انهن جي ٻڌڻ وارو ڪير به ناهي هوندو ۽ احتجاج ڪندڙن کي حد جو ايس ايڇ او اچي داٻا ۽ دهمان ڏئي احتجاج ختم ڪرائي هليو ويندو آهي.

سو حيدرآباد واسين جي گهر آهي ته نه رڳو ماڻهن کي ڪرونا جهڙي مرض کان بچايو وڃي پر حيدرآباد جا رهواسي بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ پيئڻ جي پاڻي جي مسئلي ڪري به سخت پريشان آهن، اهي انهن مسئلن جو به حل چاهين ٿا ۽ يقينن اهو مسئلو وقت جا حڪمران ئي حل ڪري سگهن ٿا، تنهن ڪري عوامي مسئلن کان ڀڄڻ بجاءِ انهن جو حل ڪڍڻ جي سخت ضرورت آهي، حيدرآباد ۾ وڌيل بجلي جي لوڊشيڊنگ جي آزار مان ماڻهن جي جان آجي ڪرائي اهڙي سخت گرمي ۾ ماڻهن کي تڪليفن کان بچايو وڃي، شهر ۾ مڇر مار ڦوهارو به ڪرائڻ جي ضرورت آهي، هاڻ حيدرآباد جا ماڻهو مسئلن جو حل چاهين ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.