ڪورونا وبا ۾ ڪم ڪندڙ سنڌ جي فارماسسٽ کي ڀيٽا

ڊاڪٽر مهيش ڪمار مهيشوري

جس هجي سڄي سنڌ پرڳڻي ۾ ڪم ڪندڙ فارماسسٽن کي جن ڏينهن رات هڪ ڪري پنهنجي صحت ۽ حياتي جي پرواهه نه ڪندي سڀني سرڪاري توڙي خانگي اسپتالن ۾ مريضن کي بنا وقفي دوائن جي فراهمي يقيني بڻائي. اسان جيڪڏهن ادارن کي ڳڻائڻ لڳون ته غلام محمد ميڊيڪل ڪاليج اسپتال سکر، گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز، پيپلز ميڊيڪل ڪاليج اسپتال نوابشاهه، انڊس اسپتال بدين، سول اسپتال عمرڪوٽ، سول اسپتال ميرپورخاص، انسٽيٽيوٽ آف چيسٽ ڊزيز ڪوٽڙي، سول اسپتال ٺٽو، سر سي.جي سائڪيٽري اسپتال گدو حيدرآباد، لياقت يونيورسٽي اسپتال حيدرآباد ۽ ڄامشورو توڙي  سنڌ جي نجي اسپتالن ۾ ڪم ڪندڙ سڀني فارماسسٽن انتهائي سٺي نموني پنهنجي ڪردار کي نڀايو آهي.

جيتوڻيڪ مختلف وقتن تي ٻين هيلٿ پروفيشنلز جيان سنڌ جي فارماسسٽن جون پڻ اهي شڪايتون اينديون رهيون ته اسان وٽ پنهنجي تحفظ جي لاءِ ۽ پاڻ بچائڻ جي لاءِ ڪوبه حفاظتي سامان سرڪاري سطح تي مهيا ڪونه ڪيو ويو آهي ۽ ويتر اسان کي اهو چيو وڃي ٿو ته توهان کي ته انهن شين جي ضرورت ئي ناهي. سو جڏهن هڪڙي ماڻهو جو واسطو ئي مريض سان آهي ۽ اهو مريض کي دوا Dispense ٿو ڪري ته ان کي پنهنجي حفاظت جي ضرورت ڪيئن نه آهي. توهان سڄي دنيا جون سوشل ميڊيا رپورٽس کڻي ڏسو ته مختلف ملڪن ۾ فارماسسٽ پڻ ڪورونا جي مريضن کي بچائندي پنهنجي جان جي قرباني ڏئي چڪا آهن، ته هن مان اها ڳالهه ثابت ٿي ته هنن فرنٽ لائن سولجرز کي پڻ پنهنجي دفاع جي لاءِ هٿيارن جي ضرورت آهي،

اهڙي ڏکي صورتحال ۾ جڏهن سڀ رستا بند ٿيندي نظر آيا ۽ مختلف جڳهن تي ڪم ڪندڙ فارماسسٽ بي يارو مددگار محسوس ٿيڻ لڳا ته ان وقت سنڌ جي فارماسسٽن جي حقن جي لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ تنظيم پاڪستان فارماسسٽ ايسوسئيشن حيدرآباد اڳڀرائي ڪندي ٻه قدم اڳتي هلي پنهنجن انهن سپاهي ساٿين جي مدد ڪرڻ جو عهد ڪيو. سخت ترين لاڪ ڊائون ۽ بند ٽرانسپورٽ هجڻ جي باوجود سنڌ جي مٿي ڄاڻايل سڀني اسپتالن ۾ ڪم ڪندڙ فارماسسٽ دوستن کي تنظيم جي صدر ڊاڪٽر عبدالحفيظ شر جي سربراهي ۾ سڄو سامان پهچائڻ جو وچن ڪيو ويو. هينڊ سينيٽائزر، گائون، فيس شيلڊز، فيس ماسڪس، شُو ڪور توڙي هيڊ ڪيپس ۽ آئسوليشن وارڊز ۾ ڪم ڪندڙ عملي کي الڳ سان آئسوليشن ڪٽس جي ترت فراهمي يقيني بڻائي اهو احساس ڏياريو ويو ته توهان اسان جا صِف اول جا سپاهي آهيو ۽ توهان ڪٿي به اڪيلا ڪونه آهيو ۽ نه ئي توهان کي اڪيلو ڇڏيو ويندو. ان کان علاوه معاشري جي ٻين مختلف طبقن سان واسطو رکندڙ فارماسسٽ برادري کي پڻ PPA حيدرآباد پاران هينڊ سينيٽائزر پهچايا ويا ته جيئن اهي پڻ عام ماڻهو کي هينڊ سينيٽائزر جي استعمال بابت آگاهي ڏين. هن تنظيم جي رضاڪارن کي جس هجي جو لياقت يونيورسٽي اسپتال جهڙي اداري کي پڻ ججهي تعداد ۾ هينڊ سينيٽائزر جو عطيو ڏئي اهو ثابت ڪيو ويو ته سڄي سنڌ کان علاج لاءِ هتي ڪيئي ايندڙ ماڻهن کي به رڳو سرڪار جي آسري نه ڇڏجي پر سرڪار سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هن ڏکئي وقت ۾ غريبن جي خدمت ڪجي.

هن سڄي صورتحال ۾ سوچڻ جو ۽ ڏک جو مقام اهو آهي ته سڄي سنڌ ۾ سرڪار جي پاران فارماسسٽس جي نه سرپرستي ۽ نه ئي مالڪي ڪئي وئي ۽ نه ئي انهن کي ڪو حفاظتي سامان مهيا ڪيو ويو، ٻيو ته ٺهيو سڄي سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ انيڪ غير سرڪاري تنظيمن وٽ به هڪڙو به فارماسسٽ ڪونهي جيڪو ماڻهن کي وڃي ڪورونا کان بچڻ جي اپائن ۽ دوائن جي استعمال بابت آگاهي ڏئي. اها هڪري عام ڳالهه آهي، جڏهن به ماڻهو هر طرف کان پريشانين ۾ هوندو آهي ته ابتا سبتا قدم کڻندو آهي ۽ پنهنجي تحفظ جي لاءِ جن دوائن جي ڄاڻ هوندي يا نه هوندي آهي ته اهي سيلف ميڊيڪيشن طور تي کائي ڇڏيندو آهي. مون سوشل ميڊيا تي ڪافي جڳهين تي هڪڙي شيءِ ڏٺي ته گهڻا ماڻهو ٻين کي بيوقوف ٺاهڻ جي لاءِ ته وٽامن سي سميت ٻيون شيون کائڻ سان قوت مدافعت وڌي پوندي ۽ اهڙي طريقي سان هو پنهنجيون غير رجسٽرڊ ۽ مهانگيون دوائون ڏئي ماڻهن کي ڦاسائن ٿا ته اسان وٽ جيڪڏهن Qualified Pharmacists حڪومتي سرپرستي ۾ ٻين صوبن جيان تعلقي ۽ يو.سي ليول تي ڀرتي ڪيا وڃن ته مان سمجهان ٿو. عوام کي تمام گهڻي آساني ٿي پوندي.

هن سڄي صورتحال ۾ سنڌ جي فارماسسٽن جي ڏک سک ۾ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهندڙ تنظيم پاڪستان فارماسسٽ ايسوسئيشن ۽ ان جي عهديدارن کي جس هجي نه صرف انهن پر ان کي عطيو ڏيندڙ ماڻهن جي مدد سان ڪيترن ئي فارماسسٽن کي وقت سر حفاظتي سامان پهچائي نه صرف انهن کي Safe ڪيو ويو. پر اڃا سندس پنهنجي ڊيوٽي موثر طريقي سان ادا ڪرڻ لاءِ پڻ همٿايو ويو.

(ليکڪ: جنرل سيڪريٽري پاڪستان

فارماسسٽ ايسوسئيشن حيدرآباد آهي)

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.