نوابشاهه: پيرسن عورت پاران پٽ ۽ ننهن جي علاج ۾ مدد جي اپيل

عوامي آواز رپورٽ
نوابشاهه: پيرسن عورت پاران پٽ ۽ ننهن جي علاج ۾ مدد جي اپيل
عوامي آواز رپورٽنوابشاهه: پيرسن عورت پاران پٽ ۽ ننهن جي علاج ۾ مدد جي اپيل

نوابشاهه ۾ پيرسن حادثي ۾ زخمي ٿيل نوجوان ۽ بيمار ننهن جي علاج ۾ مدد جي اپيل ڪئي آهي

نوابشاهه ويجھو جنيد ڪالوني ڀرسان ويٺل بيواهه عورت مسمات ڇُٽان نوابشاهه پريس ڪلب پهچي دانهيندي چيو ته منهنجو نوجوان پُٽ محمد سليمان رند 2013 ۾ روڊ حادثي ۾ زخمي ٿي پيو هو جنهن جو علاج اڃا تائين هلندڙ آهي جڏهن ته انهي جي گهر واري مسمات رضيان کي ڪاري سائي جي بيماري ۾ ورتل آهي هن چيو ته آئون گھرن ۾ ڪم ڪري پنج هزار روپيا ڪمائيندي آهيان جنهن سان گھر جو خرچو نه ٿو هلي ته پٽ ۽ ننهن جو علاج ڪٿان ڪرايان

بيواهه عورت پ پ چيئرمين ۽ سنڌ جي وڏي وزير کي اپيل ڪئي ته منهنجي مدد ڪئي وڃي جيئن زخمي پُٽ جو علاج ڪرائي سگهان.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.