افغانستان: پيدا ٿيندي ئي 2 گولين جو نشانو بڻجڻ باوجود بچي ويل ٻارڙي

ڪابل(ويب ڊيسڪ) هلندڙ مهيني 12 مئي تي افغانستان جي راڄڌاني ڪابل ۾ عالمي تنظِم ڊاڪٽرز ود آئوٽ بارڊر جي تحت هلندڙ سرڪاري اسپتال جي گائنا وارڊ (ويم واري وارڊ)  تي دهشتگردن حملو ڪري تازي ڄاول ٻارن ۽ مائرن کي قتل ڪري ڇڏيو هو.

دهشتگردن جي حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 2 تازا ڄاول ٻار به فوت ٿي ويا جڏهن ته گڏيل طور تي دهشتگردن جي فائرنگ مان ويم لاءِ آيم مائرن سميت گڏيل طور تي 24 ڄڻا مارجي ويا هئا.

پر ساڳئي حملي ۾ دهشتگردن جي گولين سان زخمي ٿيل هڪ اهڙي ٻارڙي محفوظ رهي جنهن کي 1نه پر 2 گوليون لڳيون هيون.

پرڏيهي خابرو اداري موجب ڪابل جي اسپتال جي گائنا وارڊ (ويم واري وارڊ) تي دهشتگردن جي حملي ۾ ٽي ڪلاڪ اڳ ڄاول ٻارڙي ٽنگ تي 2 گوليون لڳڻ باوجود محفوظ رهي.

رپورٽ موجب حملي کان ٽي ڪلاڪ اڳ دنيا ۾ آيل ٻارڙي کي هڪ ئي ٽنگ تي 2 گوليون لڳيون هيون ۽ ڊاڪٽرن سميت عملي کي خدشو هو ته ٻارڙي جي حياتي نه بچائي سگهندا پر ٻارڙي بلڪل محفوظ رهي.

بدقسمتي سان دهشتگردن جي حملن ۾ ٻارڙي کي جنم ڏيندڙ سندس ماءُ نازيا لاڏاڻو ڪري وئي ۽ ٻارڙي جي پيءُ پنهنجي ڌيءَ تي گهرواري جو نالو رکي ڇڏيو.

ٻارڙي کي زخمي ٿيڻ کان پوءِ ڪابل جي اندرا گانڌي اسپتال آندو ويو هو جتي ڊاڪٽرن هن جو آپريشن ڪيو هو ۽ آپريشن جي ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ ئي ٻارڙي ٽنگ کي لوڏڻ شروع ڪري ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.