لاڙڪاڻو: کنڀي گم ڪيل انصاف دايو جي آزادي لاءِ احتجاج

عوامي آواز رپورٽ
لاڙڪاڻو: کنڀي گم ڪيل انصاف دايو جي آزادي لاءِ احتجاج
عوامي آواز رپورٽ لاڙڪاڻو: کنڀي گم ڪيل انصاف دايو جي آزادي لاءِ احتجاج

لاڙڪاڻي مان کنڀي گم ڪيل انصاف دايو جي آزادي لاءِ سندس وارثن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

لاڙڪاڻي مان کنڀي گم ڪيل درزي انصاف دايو جي آزادي لاءِ سندس وارثن اقصيٰ بتول دايو، افسانه دايو ۽ نصرت دايو پاران احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو

ان موقعي تي انصاف دايو جي وارثن عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته انصاف دايو کي 29 مئي 2017ع تي کنڀي گم ڪيو ويو هو جنهن جي آزادي لاءِ اسان سنڌ جي مختلف شهرن جي پريس ڪلبن اڳيان احتجاجي مظاهرا ڪرڻ سان گڏ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن به داخل ڪرائي پر هن وقت تائين سندس جو ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي .. ايس او ٽي

انصاف دايو جي وارثن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سميت ٻين وس واران کان مطالبو ڪيو ته انصاف دايو کي جلد آزاد ڪرائي ڏنو وڃي ….

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.