نوابشاهه: ڪورونا سبب شاگردن جي ٻن مهينن جي فيس معاف ڪئي وڃي: سپاف اڳواڻ

عوامي آواز رپورٽ
نوابشاهه: ڪورونا سبب شاگردن جي ٻن مهينن جي فيس معاف ڪئي وڃي: سپاف اڳواڻ
عوامي آواز رپورٽ نوابشاهه: ڪورونا سبب شاگردن جي ٻن مهينن جي فيس معاف ڪئي وڃي: سپاف اڳواڻ

سپاف سنڌ جي اڳواڻن چيو آهي ته ڪورونا سبب شاگرد سخت متاثر ٿيا آهن انهن کي ٻن مهينن جي فيس معاف ڪئي وڃي

نوابشاهه پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سپاف سنڌ جي صدر منصور شاهاڻي، مزمل مري، وسيم جمالي ۽ زبير جمالي چيو ته لاڪ ڊائون جي ڪري شاگرد سخت پريشان ٿيا آهن تنهن ڪري انهن کي ٻن مهينن جي فيس معاف ڪئي وڃي

هنن چيو ته  جيڪڏهن ڪو به شاگرد فيس پيارڻ جي طاقت نه رکڻ جي ڪري تعليم ڇڏي ڏئي ته اها هن قوم جي وڏي بدنصيبي ٿيندي هنن چيو ته آن لائن ڪلاسز وٺڻ سُٺي ڳالهه آهي پر سنڌ جو 80 سيڪڙو شاگرد ٻهراڙي ۾ رهي ٿو ۽ ٻهراڙي ۾ انٽرنيٽ جي سهولت موجود نه آهي انهي جي ڪري اهي شاگرد ڪلاسز اٽينڊ نه ڪري سگهندا

سپاف اڳواڻن چيو ته شاگرد يونينون جلد بحال ٿي وينديون ڇاڪاڻ ته 18هين ترميم کانپوءِ شاگرد يونين بحال ڪرڻ جو اختيار  صوبي وٽ آهي ۽ اسان شاگرد يونين بحال ڪرائڻ لاءِ جدوجهد ڪئي آهي هنن چيو ته اسان جو نوجوان ليڊر بلاول ڀٽو زرداري شاگرد يونين بحال ضرور ڪندو  …………

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.