ڪوٽڏيجي: بڙدي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، عورت سميت 6 ڄڻا زخمي

عوامي آواز رپورٽ
ڪوٽڏيجي: بڙدي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، عورت سميت 6 ڄڻا زخمي
عوامي آواز رپورٽ ڪوٽڏيجي: بڙدي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، عورت سميت 6 ڄڻا زخمي

ڪوٽڏيجي ويجھو بڙدي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو جنهن ۾ لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ ڪري عورت سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن

ڪنب ٿاڻي جي حد ڳوٺ غلام محمد بڙدي ۾ بڙدي برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي معاملي تان جهيڙو ٿي پيو جنهن ۾ ڪهاڙيون  ۽  لٺيون لڳڻ ڪري مسمات صومل بڙدي، انصاف علي بڙدي، محراب بڙدي سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي ڪوٽڏيجي سول اسپتال داخل ڪيو ويو

ان موقعي تي زخمين احتجاج ڪندي چيو ته صاحب خان بڙدي، نور خان بڙدي ۽ ٻيا اسان جي گهرن ۾ گهري ڪهاڙيون ۽ لٺيون هڻي اسان کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا آهن

زخمين ايس ايس پي خيرپور عمر طفيل خان کان مطالبو ڪيو ته حملو ڪندڙن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي ………..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.