نواب ولي محمد: وياج خورن جي زيادتين خلاف ايس ٽي پي جو احتجاج

عوامي آواز رپورٽ
نواب ولي محمد: وياج خورن جي زيادتين خلاف ايس ٽي پي جو احتجاج
عوامي آواز رپورٽ نواب ولي محمد: وياج خورن جي زيادتين خلاف ايس ٽي پي جو احتجاج

نواب ولي محمد ۾ وياج خورن جي زيادتين خلاف ايس ٽي پي پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

ايس ٽي پي جي ڪارڪنن الهه بچايو رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نواب ولي محمد پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته نواب ولي محمد ۽ ڀرپاسي ۾ وياج خورن پاران ضرررتمند ماڻهن جي مجبوري جو فائدو وٺندي ڪيترن ئي ماڻهن کي پنهنجي ڄار ۾ قاسائي لکين رپين جو قرضي ڪري ڇڏيو آهي، هنن چيو ته وياج خورن وياج سميت قرض واپس نه ڪري سگهڻ جي صورت ۾ کين موت مار ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، جنھن ڪري وياجين کان قرض کڻندڙ ماڻهو سخت پريشان ٿي ذهني مريض ٿي ويا آهن، هنن چيو ته نواب ولي محمد جي مسجد جي پيش امام حافظ تاج محمد راهو جي ڀاءُ کي به وياج خور وياج سميت قرض نه ڏئي سگهڻ تي موت مار ڌمڪيون پيا ڏين، جيڪو خوف کان گهران نه ٿو نڪري سگهي

هنن مطالبو ڪيو ته وياج خورن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.