ميرپور ماٿيلو: ايريگيشن جي زمين تي قبضي خلاف احتجاج

عوامي آواز رپورٽ
ميرپور ماٿيلو: ايريگيشن جي زمين تي قبضي خلاف احتجاج
عوامي آواز رپورٽ ميرپور ماٿيلو: ايريگيشن جي زمين تي قبضي خلاف احتجاج

ميرپور ماٿيلو ويجھو بااثرن ايريگيشن جي زمين تي قبضو ڪري رات جي پيٽ ۾ فصل پوکي ڇڏيو جنهن خلاف علائقي جي چنڱي مڙس پاران احتجاج ڪيو ويو

رهڙڪي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي غلام اڪبر سميجو چيو ته سندس وڏا ايريگيشن کاتي جا ملازم ھئا جن  کي ايريگيشن جي اڍائي ايڪڙ زمين ليز تي مليل ھئي جنهن جا هن سال 1985 کان 2000 تائين  جا ليز جا ڪاغذات ڏيکاريندي چيو ته سالن کان ھو ان زمين ۾ قانوني طريقي سان مال جو گاھ پوکيندا پيا اچن، جڏھن ته ڪجھ عرصو اڳ سپريم ڪورٽ پاران ليزون ڪينسل ڪرڻ جي حڪم بعد زمين تي فصل ڪرڻ ڇڏي ڏنو، جڏھن ته ڄاڻايل زمين ۾ اينگرو جا ٽيوب وويل پڻ لڳايا ويا آھن ۽ تازو ماڙي گيس جو پائيپ لائين اتان گذرڻ جو عمل جاري آھي، جڏھن ته ايريگيشن کاتي، اينگرو فرٽيلائيزر ۽ ماڙي پئٽروليم جي آفيسرن جي آشيرواد سان نواب سميجو، وريام سميجو، شوڪت گولو ۽ محمدو گولو ان ايريگيشن جي زمين تي قبضو ڪري رات جي پيٽ ۾ ڪچي اڏاوت ڪري سڄي زمين ۾ پاڻي ڇڏي جنتر جو گاھ پوکي ڇڏيو آھي ته جيئن قبضو پڪو ڪري ڄاڻايل ڪمپنين کان زمين جي نالي تي پئيسا وٺي سگھجن .. ا

غلام اڪبر سميجو وڌيڪ چيو ته پھريون حق اسان جو آھي ان لاءِ زمين اسان جي حوالي ڪئي وڃي يا وري قبضو ڪندڙ مان زمين ڇڏائي سرڪار پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏي …

اڪبر سميجو وسوارن کان مطالبو ڪيو ته سرڪار جي زمين سرڪار جي تحويل ۾ وٺي ڄاڻايل قبضو ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.