ڪورونا وبا خلاف عالمي ردعمل جي جاچ شروع ڪرڻ لاءِ ٺهراءُ منظور

 

جنيوا (ويب ڊيسڪ) عالمي هيلٿ اسيمبلي ڪورونا وبا خلاف عالمي ردعمل جي جاچ شروع ڪرڻ جي حوالي سان ٺهراءُ منظور ڪري ورتو.

صحت جي عالمي اداري جي ڊائريڪٽر جنرل ٽيدروس گبرائسس موجب ان حوالي سان وقت مقرر ناهي ڪيو ويو پر جلد کان جلد آزاد ۽ گڏيل جاچ جي آجيان ڪنداسين.

هوڏانهن آمريڪا ڊبليو ايڇ او جي ردعمل کي ڪمزور قرار ڏيندي ان جي ڪيترائي ملين فنڊنگ روڪي ڇڏي آهي.

واضح رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ صحت جي عالمي اداري تي چين جي اثر هيٺ هجڻ جو الزام پڻ هنيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.