او آءِ سي والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جو نئون ڊوميسائل قانون رد ڪري ڇڏيو

جده (ويب ڊيسڪ) اسلامي سهڪار تنظيم (او آءِ سي) والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جو نئون ڊوميسائل قانون رد ڪري ڇڏيو.

او آءِ سي طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب تنظيم جي انساني حقن جي مستقل آزاد ڪميشن والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي ڊوميسائل قانون کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت جو نئون ڊوميسائل قانون او آءِ سي ۽ سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن جي ڀڃڪڙي آهي،  گڏيل قومون ۽ عالمي برادري ڊوميسائل قانون واپس وٺڻ لاءِ ڀارت تي دٻاءُ وجهي.

او آءِ سي ڪميشن مطالبو ڪيو آهي ته عالمي برادري والاريل ڪشمير ۾ گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب عمل يقيني بڻائي.

انساني حقن جي ڪميشن ڀارتي حڪومت جي والاريل ڪشمير ۾ نئين ڊوميسائل قانون جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته دنيا ڪورونا سان وڙهي رهي آهي ۽ ڀارت غير قانوني قدم کڻي رهيو آهي.

او آءِ سي جي پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت جو اهو قدم والاريل ڪشمير ۾ مسلم اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش آهي، ڪشميري عوام انهن غير قانوني قدمن جي سخت مذمت ڪئي آهي، ڀارت طرفان والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون جاري آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.