متحده عرب امارات جو مريخ تي پهريون مشن موڪلڻ جو اعلان

دبئي(ويب ڊيسڪ) متحده عرب امارات مريخ تي پنهنجو پهريون مشن موڪلڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب متحده عرب امارات 15 جولاءِ تي پهريون ڀيرو مريخ تي مشن جاپان جي ٽينيگشيما ٻيٽ تان روانو ٿيندو.

ان ڏس ۾ مٽسوبشي هيوي انڊسٽري (ايم آءِ ايچ) ڪمپني طرفان سومر تي تاريخ جو اعلان ڪيو ويو.

گذريل مهيني ان حوالي سان جاپان ۾ وبائي مرض ڪووڊ-19 جي ڪري ٿيل سفري پابندين جي باوجود به ان تي جاچ ڪئي وئي.

مشن 49 ڪروڙ 50 لک ڪلو ميٽر فاصلو طئي ڪري ڳاڙهي سياري وٽ پهچندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.