سنڌ ۾ اڄ ڪورونا جي رڪارڊ ڪيسن تي وڏي وزير ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا جي صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته صوبي ۾ هڪ ڏينهن اندر 1017 ڪيس رپورٽ ٿيا، جيڪي هيل تائين سڀ کان وڌيڪ آهن.

ڪورونا وائرس جي حوالي سان آگاهي ڏيندي سيد مراد علي شاهه ٻڌايو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 17 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا، جنهن کانپوءِ صوبي ۾ فوتين جو گڏيل انگ 316 ٿي ويو آهي، جڏهن ته نوان ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ صوبي ۾ متاثرن جو گڏيل انگ 18 هزار 964 تي پهچي ويو آهي.

سندس چوڻ هو ته نون ڪيسن مان 813 رڳو ڪراچي مان سامهون آيا آهن، جتي اوڀر ضلعي ۾ 230، ڏکڻ ۾ 157، سينٽرل ۾ 144، ڪورنگي ۾ 109، ملير ۾ 97 ۽ اولهه ۾ 76 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي.

وڏي وزير موجب سنڌ ۾ اڄ وڌيڪ 904 ڄڻا صحتياب ٿيا، جنهن کانپوءِ صحتياب ٿيندڙن جو انگ 5 هزار 645 ٿي ويو آهي.

سيد مراد علي شاهه موجوده صورتحال ڳڻتي جوڳي قرار ڏيندي چيو ته اسان کي پاڻ بچائڻ لاءِ درست فيصلا ڪرڻا پوندا.

هن هڪ ڀيرو ٻيهر عوام کي احتياط لاءِ زور ڀريندي چيو ته مان عوام جي تحفظ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪري رهيو آهيان، عوام جي سهڪار سان ئي اسان ڪورونا خلاف جنگ ۾ ڪاميابي ماڻي سگهون ٿا، اسان کي متحد ٿي عالمي وبا مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.